حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو
آگسٽ 31, 2024
اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
پيٽرول جي اگهه ۾ 1 رپيا 86 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي
ان کان علاوه هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 32 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 2 رپيا 15 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي
لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهه ۾ 2 رپيا 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي
پيٽرول جي اگهه ۾ 1.86 رپيا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جو اگهه 259.10 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 3 رپيا 32 پئسا گهٽتائي کانپوءِ 262 رپيا 75 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي
لائٽ ڊيزل آئل جو اگهه 2 رپيا 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ 154.05 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي، گاسليٽ جو اگهه 2 رپيا 15 پئسا في ليٽر گهٽتائي سان 169.62 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي
پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا