حڪومتي پاليسون رد: اناج منڊين ۾ هڙتال: فيڪٽريون بند ڪرڻ جو اعلان
آگسٽ 1, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) حڪومتي پاليسون رد، اناج منڊين ۾ شٽربند هڙتال، فيڪٽريون بند ڪرڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جا صنعتڪار وفاقي پاليسين خلاف سخت پريشان ٿي ويا، وڏي احتجاج جون تياريون، بجلي ناهي، بجلي مهانگي آھي، جيڪڏهن صنعتڪارن جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته هڪ هزار فيڪٽريون بند ڪري وڏي احتجاج ڏانهن هليا وينداسين. ان حوالي سان ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس جي صدر ياسر ملڪ، ميان توقير، طارق محمد، ڪاشف، اسرار فاروقي، محمد شاهد قائمخاني، احسن ناگراج ۽ ٻين ڪاٽي آفيس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندين چيو ته واپاري برادري سخت پريشان آهي ته صنعتن کي بند ڪرڻو پوندو، لوڊشيڊنگ سبب هڪ هزار فيڪٽريون بند ڪيون وينديون، صنعتي علائقن ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، اسان کي ٻڌايو ويو ته صنعتي زون لوڊشيڊنگ فري آهي پر ان جي باوجود ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بجلي بند رکڻ انصاف ناهي. احتجاج جو اعلان ڪريون ٿا. آءِ پي پي جا معاهدا به ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي کان پوءِ هي سڀ کان وڏو صنعتي زون آهي، جنهن جي آمدني 2 بلين رپيا ۽ 1.7 سيڪڙو آهي. گذريل ٻن سالن کان فيڊرز جي مرمت نه ٿي آهي هنن چيو ته اسان وٽ سڄي دنيا کان بجلي مهانگي آھي، نيپال، انڊيا، بنگلاديش، سميت ٻين ملڪن ۾ بجلي 20 روپيا يونٽ ملي ٿو پر اسان وٽ بجلي 70 رپيا في يونٽ کان وڌيڪ مهانگي آهي، هنن چيو ته اسان جي صنعت ڪيئن ڪم ڪندي، اناج تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي، دال، اٽو، مسڪين ماڻهو کائن ٿا، انهن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي. اناج منڊي اڄ بند آهي، ٽيڪس واپس نه ورتو ويو ته هي احتجاج جاري رهندو، مجبورن اسان کي تمام تر فيڪٽرون بند ڪرڻيون پونديون جنھن سبب ڪروڙين ماڻھون بيروزگار ٿي سگھن ٿا. منسٽر انڊسٽريز منسٽر انرجي چيف آف آرمي اسٽال حيسڪو جي زيادتين جو نوٽس وٺي رليف فراھم ڪن. ٻي طرف پاڪستان هول سيلرز پاران اعلانيل ملڪ گير هڙتال واري سڏ تي ود هولڊنگ ٽئڪس خلاف حيدرآباد ۾ واپارين پاران به مارڪيٽون بند ڪري مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد دال ملز اونرز ايسوسيئشن، فلور ملز، اناج مارڪيٽ ايسوسيئشن ۽ گرين سيڊز اينڊ آئل مرچنٽس ايسوسيئشن پاران ودهولڊنگ ٽئڪس لڳائڻ ۽ بجلي قيمتن ۾ واڌ خلاف سائيٽ ايريا ۾ قائم دال ملون، فلور ملز، اناج مارڪيٽ، ڪنفيڪشنري مارڪيٽ ۽ ڊراءِ فروٽ مارڪيٽ مڪمل طور بند ڪري شٽربند هڙتال ڪئي وئي، هالا، نيوسعيدآباد، جنگشاهي، قمبر، دولتپور صفن، رپڙي، راڄوخاناڻي، لاڙڪاڻي، ميهڙ، ٽنڊي محمد خان، ڪنري، گمبٽ، کپري، سنجر چانگ، بڪيرا شريف، ٺٽي ۽ کهڙن ۾ منڊيون کليل رهيون