حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمن کان مدد طلب ڪري ورتي

سيپٽمبر 4, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪاميٽي پاڪستان مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امن امان جي قيام ۽ دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي لاءِ قدمن، مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ بين المسالڪ اتحاد کي هٿي ڏيڻ متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردن جو ڪو دين يا مذهب ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ علماءِ ڪرام پهريان به قوم جي رهنمائي ڪئي ۽ هاڻي به ان جي سخت ضرورت آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ موثر بيانيه جي لاءِ سمورن فرقن جي علماءِ ڪرامن سان مشاروت ڪئي وڃي. علماءِ ڪرام سان مشاورت جي قومي مهم جي شروعات ڪئي وڃي. دهشتگردي جي خلاف جنگ پاڪستان جي بقا جي جنگ آهي. هن ناسور جي خاتمي لاءِ علماءِ ڪرامن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو عظيم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته پيغام پاڪستان، پاڪستان جو اهو عظيم بيانيو آهي جنهن دهشتگردي، انتها پسندي ۽ فرقيواريت کي حرام قرار ڏنو آهي. موجودا حالتن ۾ بين المسالڪ، بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتيءَ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگردي، انتها پسندي جي خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي.

Leave A Comment