ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳڻ جو پڙاڏو: ڪنڊي جي وزيراعظم سان ملاقات: مختلف آپشنز تي غور

آڪٽوبر 5, 2024

اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب ڇڪتاڻ واري ماحول کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لڳڻ جو پڙاڏو شروع ٿي ويو، گورنر خيبر پختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ذريعن موجب صوبي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن موجب گورنر پاران وزيراعظم کي ڪي پي جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ جي اپيل ڪندي کيس ايندڙ هفتي صوبي جو دورو ڪرڻ جي به دعوت ڏني وئي، ذريعن موجب گورنر پاران مختلف آپشنز ڏنا ويا، گورنر چيو ته ڪي پي کي پي ٽي آءِ جي رحم تي ڇڏيو ويو آهي، اسان کي سپورٽ ڪريو پي ٽي آءِ کي ٽف ٽائيم ڏينداسين، ذريعن موجب گورنر چيو ته ڪي پي حڪومت وفاق تي چڙهائي لاءِ ڪروڙن جو سامان خريد ڪيو. جڏهن ته حڪومتي ذريعن پاران چيو ويو ته ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جون خبرون غلط آهن. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف لاهور پهچي ويو آهي.

Leave A Comment