گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڄامشورو حيدرآباد موٽروي تي وڏو پاور شو

فيبروري 16, 2024

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڄامشورو حيدرآباد موٽروي تي وڏو پاور شو، حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳارو ۽ جي ڊي اي جا ٻيا اڳواڻ جلسي لاءِ سجايل پنڊال ۾ اسٽيج تي موجود، حرن ۽ اتحاد ۾ شامل جماعتن جي ڪارڪنن کي پير پاڳاري جي خطاب جو انتظار، جلسي ۾ تبديل ٿي ويل ڌرڻي ۾ ماڻهن جي خلق اٿليل، موٽر وي جي ٻنهي پاسن کان به ماڻهن جون قطارون لڳل، اڳوڻن وڏن وزيرن لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم، قادر مگسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان چونڊون کٽي چڪا آهيون، بدترين ڌانڌليون ڪري اسان کي هارايو ويو، سنڌ جا ماڻهو جعلي اليڪشن ۽ جعلي نتيجن کي تسليم نه ڪندا

Leave A Comment