Green Discourse In Curriculum … يونيسڪو ڪانفرنس، ماحولياتي موضوع ۽ تعليمي نصاب … ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي

                 يونيسڪو پاران سال ٻه هزار ايڪويھ ۾ جرمنيءَ جي گاديءَ واري هنڌ برلن ۾ پائيدار ترقيءَ ۾ تعليم جي اهميت بابت هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ماحول سميت پائيدار ترقيءَ لاءِ تعليم جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تحقيقي مقالن کي پيش ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جي نمائندن ۽ پاليسي ساز ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. يونيسڪو ان ڪانفرنس جي سرڪاري پڌرائي پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ تي هن عنوان سان ڪئي ته: “يونيسڪو پاران سڀني ملڪن ۾ سال ٻه هزار پنجويھ تائين ماحولياتي تعليم کي نصاب جو هڪ بنيادي حصو بنائڻ تي زور…” ان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل Audrey Azoulay  جو چوڻ هو ته: “تعليم جو مقصد شاگردن کي موجوده بحران کي سمجهڻ ۽ مستقبل جي تشڪيل لاءِ کين تيار ڪرڻ هجڻ گهرجي. پنهنجي ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ اسان کي پنهنجي رهڻي ڪهڻي، پنهنجي پيداوار، کپت ۽ فطرت سان پنهنجي تعلق ۽ ڳانڍاپي وارن طريقن ۾ بنيادي تبديلي آڻڻي پوندي.” سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم کي هر هنڌ، سمورن تعليمي پروگرامن جو بنيادي حصو بڻائڻ لازمي آهي.

يونيسڪو جي ان اعلان کان پوءِ ماحولياتي تبديلي بابت سماج جي ايندڙ نسلن تائين ڄاڻ پهچائڻ، ماحولياتي تبديليءَ جي منفي اثرن کان آگاهي ڏيڻ ۽ نوجوانن کي ان قسم جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏيڻ واري معاملي بابت سڄي دنيا وڌيڪ متحرڪ ٿي وئي. توڙي جو ان کان اڳ به عالمي سطح تي اهو موضوع سماجي ۽ ماحولياتي پاليسيون جوڙيندڙن جي توجھ جو مرڪز هو.

عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ماحولياتي اثرن کي گهٽائڻ جو هڪ اهم ذريعو ان موضوع کي تعليمي نصاب جي سڀني مضمونن ۾ شامل ڪرڻ به آهي. سندن چوڻ مطابق، ان قسم جي ڄاڻ نه فقط هيٺين درجي جي شاگردن، پر يونيورسٽيءَ جي سطح تي مختلف شعبن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي ڏيڻ جي به ضرورت آهي. ماهرن جي راءِ آهي ته تدريسي ڪتابن جي وسيلي نوجوانن تائين ان قسم جي ڄاڻ پهچائڻ ضروري امر آهي.

اها حقيقت آهي ته انسان جو فطرت پسنداڻو لاڙو اسان جي ماحول کي ڪيترن ئي منفي اثرن کان آجو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. آسٽريليا جي ڊيڪن يونيورسٽيءَ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر پيٽا وائيٽ جو چوڻ آهي ته: موسمياتي تبديليءَ بابت تعليم ۽ ڄاڻ کي فقط ماحولياتي حقيقتن جي سيکارڻ تائين محدود نه رکڻ گهرجي. سندس چوڻ آهي ته تعليم جو مقصد نوجوانن کي ماحولياتي تبديليءَ جي پيچيدگيءَ کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ان حوالي سان مؤثر ڪردار نڀائڻ جي لائق بڻائڻ آهي. ڊاڪٽر پيٽا وائيٽ جي تحقيق جو محور ماحولياتي تبديلين کي سمجهڻ ۽ خاص طور تي نوجوانن کي ان قسم جي تعليم ڏيڻ تي زور ڏيڻ آهي، ته جيئن اهي ماحولياتي تبديليءَ کي بهتر بنائڻ ۾ پنهنجو مثبت ۽ اجتماعي ڪردار نڀائي سگهن. ان حوالي سان هن جو ڌيان پائيدار ترقيءَ، ماحولياتي سرگرمين تي مشتمل تدريس ۽ اينٿروپوسين جي روشنيءَ ۾ تعليم تي توجھ ڏيڻ تي آهي. ڊيڪن يونيورسٽيءَ طرفان پيٽا وائيٽ جي ڪم جي حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هوءَ چاهي ٿي ته شاگردن جو علم ان حد تائين محدود نه هئڻ کپي ته ماحولياتي تبديليون ڇو رونما ٿي رهيون آهن، پر کين اهو ادراڪ هجڻ گهرجي ته هو ان ڏس ۾ پنهنجو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا! هوءَ سائنس جي تعليم، مقامي ماحولياتي مسئلن ۽ ڪميونٽيءَ جي شرڪت سان ماحولياتي حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سائنسي انداز ۾ حڪومت ۽ لاڳاپيل ٻين ادارن کي ماحول بابت پنهنجون تجويزون پيش ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي. پيٽا وائيٽ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ماحولياتي تعليم ذريعي شاگردن ۾ اميد ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. حقيقت ۾ ماحولياتي تبديليءَ بابت تعليم جو مقصد صرف اهو نه هئڻ گهرجي ته شاگردن کي ٻڌايو وڃي ته موسمياتي تبديلي ڇا آهي، پر کين اهو به سيکارڻ گهرجي ته ان تبديليءَ جا اثر ڇا آهن، اهي اثر ڇو پيدا ٿين ٿا ۽ انهن کي گهٽائڻ لاءِ هو پنهنجي سطح تي ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

پروفيسر ان راءِ جي آهي ته ماحولياتي تعليم کي نصاب جي سڀني مضمونن ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ساڳئي وقت اهو پڻ اهم آهي ته استادن کي ان متعلق بنيادي تربيت ڏني وڃي ۽ شاگردن کي مضمونن ذريعي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ ماحولياتي معاملن بابت هلندڙ پروگرامن بابت به آگاهي ڏني وڃي. سندس چوڻ آهي ته تعليم جو مقصد شاگردن کي اهو ٻڌائڻ ڪافي ناهي ته ماحولياتي تبديلي ڇا آهي؟ مگر کين اهو شعور ۽ ادراڪ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته هو ان ڏس ۾ پنهنجو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

روزاني گارڊيئن جي مطابق، اقتصادي تعاون ۽ ترقيءَ سان وابسته بين الاقوامي تنظيم آرگنائيزيشن فار ايڪنامڪ ڪوآپريشن اينڊ ڊيولپمينٽ (او اي سي ڊي)  جي بين الاقوامي شاگردن جي جائزي واري پروگرام ۾ سائنس کي وڏي اهميت ڏني وئي. اهو پروگرام او اي سي ڊي جو بين الاقوامي شاگردن جي جائزي وٺڻ وارو پروگرام آهي. او اي سي ڊي جي حوالي سان اهو مقصد پڻ سامهون آيو آهي ته شاگرد سائنسي علمن ۽ غلط ۽ افواهن تي ٻڌل معلومات کي ڪهڙيءَ طرح پرکين ٿا. خاص طور تي ان وقت اهو ضروري ٿي پيو آهي، جڏهن ماحولياتي معاملا اسان جي وقت جا هڪ اهم ۽ سنگين چئلينج بڻجي سامهون آيا آهن. اڄ جي دور ۾ ماحولياتي تبديليءَ بابت غلط معلومات، افواهن ۽ غير سائنسي دعوائن جي وچ ۾ صحيح معلومات تائين پهچڻ لاءِ نوجوانن ۾ تنقيدي ۽ سائنسي سوچ پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.

آسٽريلين ڪائونسل فار ايجوڪيشنل ريسرچ سان سلهاڙيل ڊاڪٽر گوران لازينڊڪ، جيڪي بين الاقوامي شاگردن جي جائزي واري پروگرام جي عالمي سروي جو ڊائريڪٽر رھي  چڪو آھي، جو چوڻ آهي ته سندن مقصد فقط اهو ناهي ته نوجوانن کي نصاب يا معلومات جي ڄاڻ تائين محدود ڪجي. سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته هو چاهين ٿا ته نوجوانن کي عالمي دنيا ۾ پنهنجو ڪردار نڀائڻ لاءِ ڪيتري حد تائين تيار ڪيو ويو آهي.دنيا جي ٻين ملڪن جيان خود آمريڪا ۾ پڻ ماحولياتي تبديليءَ ۽ پائيدار ترقيءَ جو موضوع نصاب جو حصو بڻايو ويو آهي. روزاني گارڊيئن هن سال جي فيبروري مهيني ۾ پنهنجي هڪ خبر ۾ لکيو آهي ته آمريڪا جي تعليمي ادارن ۾ پائيدار ترقيءَ جي موضوعن کي شامل ڪرڻ جو هڪ سبب اتان جي نوجوانن جو انهن حالتن بابت واضح ادراڪ جو هجڻ آهي. انهن نوجوانن مان ڪافي اهڙا به آهن، جيڪي شديد سامونڊي طوفانن، گرميءَ جي لهرن ۽ ماحولياتي تبديليءَ جي نتيجن سبب شديد موسمي حالتن کي ڏسي چڪا آهن. هاڻي اهي ڌرتيءَ جي وڌندڙ گرمي پد بابت فڪرمند آهن ۽ ان کي گهٽ ڪرڻ وارن طريقن جي ڳولا ۾ آهن. اخبار هڪ پاليسي ساز اداري جي سربراھ جو حوالو ڏيندي لکيو ته: آمريڪي نوجوان هاڻي ان ڳالھ کي يقيني بڻائڻ ٿا چاهين ته ايندڙ نسلن لاءِ هي دنيا محفوظ ۽ صاف سٿري هجي. اخبار هڪ ٻي ماهر جي راءِ پيش ڪندي لکيو آهي ته اسان جو مقصد آهي ته آمريڪا جي هر شعبي جي ماڻهن، ڊکڻ جي ڌنڌي کان وٺي استادن جي تربيت ڏيندڙ ادارن تائين، وارن ماڻهن کي پائيداري ۽ ماحولياتي اثرن بابت ٿوري گهڻي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. سندن چوڻ آهي ته اهڙي ڄاڻ هجڻ جي روشنيءَ ۾ هو پنهنجن لاڳاپيل شعبن ۾ بهتر نموني ڪم ڪري سگهندا.

ماحولياتي تبديلين جي تناظر ۾ اسان وٽ پڻ اهڙن قدمن جي ضرورت آهي. اسان وٽ شاگردن جي نصاب ۾ ماحولياتي تبديليءَ کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ اسان جي بيوروڪريسيءَ کي پڻ حساس بڻائڻ جي ضرورت آهي. ماحولياتي تحفظ صرف اسڪولن ۽ يونيورسٽين جي ذميواري نه آهي، پر حڪومت، انتظاميا، پوليس، ميڊيا ۽ سماج جي هر طبقي کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. خاص طور تي پوليس ٽريننگ سينٽرن تي تربيت وٺندڙ پوليس عملدارن کي ماحول دوست طور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جي ميڊيا اهڙين خبرن سان ڀري پئي هوندي آهي ته وڻن جي واڍيءَ کي روڪڻ ۾ پوليس جو ڪردار غير تسلي بخش آهي. چيو ويندو آهي ته ڪجهه پئسن جي ڏيتي ليتيءَ جي عيوض ڪاٺ سان ڀريل ٽرالين کي گذرڻ جي اجازت ڏني ٿي وڃي. اڄڪلهه دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ مقرر ٿيل پوليس عملدارن خلاف اهڙيون شڪايتون سوشل ميڊيا جي ذريعن تي روز ظاهر ٿي رهيون آهن.اسان کي اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ماحولياتي تبديلي صرف سائنس جو موضوع ناهي. اها معيشت، صحت، زراعت، پاڻي، سماج، انتظاميا، قانون ۽ مستقبل جي نسلن سان لاڳاپيل مسئلو آهي. ان ڪري ان بابت تعليم کي به ڪنهن هڪ مضمون تائين محدود نٿو ڪري سگهجي.يونيسڪو سميت ٻين ادارن طرفان معاملي کي اهميت ملڻ کان پوءِ ٻين ملڪن جيان اسان وٽ اعليٰ تعليمي ڪميشن طرفان يونيورسٽين ۾ پڻ ماحولياتي معاملن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جون خبرون آهن. ٻي پاسي، سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ پڻ اهو معاملو ڪافي اجاگر ٿي چڪو آهي. اسين پڻ اهو ئي چاهيون ٿا ته سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن جي نصاب ۾ ماحولياتي تبديليءَ وارن موضوعن، خاص طور تي ان تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ نوجوانن کي ذهني طور تي تيار ڪندڙ ۽ منجهن اميد ۽ حوصلو پيدا ڪندڙ موضوعن کي نصاب جو حصو بڻائڻ ضروري آهي.ماحولياتي تعليم جو مقصد  ماحول بابت خوف پيدا ڪرڻ نه، پر شعور، اميد ۽ عمل جو جذبو پيدا ڪرڻ هجڻ گهرجي. اسان جي نوجوان نسل کي اهو احساس ڏيارڻ جي ضرورت آهي ته ماحولياتي تبديلي هڪ وڏو چئلينج ضرور آهي، پر ان جي حل ۾ سندن علم، سوچ، آواز ۽ اجتماعي عمل پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان پنهنجي تعليمي ادارن مان Green Discourse ذريعي اهڙي سوچ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃون ته ايندڙ نسل ماحولياتي مسئلن جا منفي اثر ڀوڳڻ بدران انهن جي حل جو حصو بڻجي سگهن ٿا.