هٿياربندن نوجوان کي اغوا ڪرڻ بعد ڄنگهه وڍي ۽ چيلهه ڀڃي ڇڏي

جُون 19, 2024

پير جو ڳوٺ ويجهو هٿياربندن نوجوان پورهيت اڪرم ميتلو کي اغوا ڪرڻ بعد سندس ڄنگهه وڍي ڇڏي ۽ چيلهه ڀڃي ڇڏي، وحشياڻي ڪارروائي ڪرڻ بعد جوابدار فرار، نوجوان پورهيت کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ گمبٽ جي گمس اسپتال پهچايو ويو، زخمي نوجوان جي ڀاءَ علي ڏنو جو چوڻ آهي ته اڪرم منجهند جي وقت زمين گهمڻ ويو ته هٿياربندن کيس اغوا ڪري ورتو، جنوني جوابدارن اڪرم جي تيز ڌار اوزار سان ڄنگهه ڪٽڻ بعد چيلهه به ڀڃي ڇڏي، ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي، خبر نه آهي ته منهنجي ڀاءُ سان ايڏو ظلم ڇو ڪيو ويو، زخمي پورهيت جي ڀاءُ پاران نوجوان جي حياتي بچائڻ ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي جي اپيل

Leave A Comment