گوادر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پنجاب واسي 7 پورهيتن جي سڃاڻپ ٿي وئي
مَي 9, 2024
گوادر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پنجاب واسي 7 پورهيتن جي سڃاڻپ ٿي وئي، مارجي ويل سمورن پورهيتن جو تعلق خانيوال سان آهي، مارجي ويلن ۾ ساجد، اسد، عبدالحڪيم، حسيب، مڪراب، انصار ۽ ارسلان شامل، پوليس موجب سربندر واري علائقي ۾ هٿياربندن گوادر فش هاربر ڀرسان هڪ رهائشي ڪوارٽر ۾ ننڊ پيل مزدورن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، 7 پورهيت ٿڏي تي مارجي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، پورهيتن جا لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، ايس ايڇ او گوادر محسن علي موجب مارجي ويل ۽ زخمي پورهيت سربندر ۾ حجامڪي دڪان تي ڪم ڪندا هئا، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان واقعي جي سخت مذمت، محسن نقوي چيو آهي ته معصوم شهرين جي زندگين سان کيڏڻ وارا انسان سڏائڻ جا حقدار ناهن، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي طرفان واقعي تي افسوس جو اظهار، سرفراز بگٽي چيو آهي ته گوادر ۾ بي گناهه پورهيتن جو قتل کليل دهشتگردي آهي، دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جو خاتمو اڻٽر ٿي ويو آهي، رياستي رٽ هر صورت ۾ برقرار رکي ويندي، شهيدن جي رت جي ڦُڙي ڦُڙي جو پلاند ورتو ويندو