حج آپريشن 9مئي کان شروع، 68 هزار حاجي سعودي ويندا
مَي 4, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حج 2024ع لاءِ فلائٽ آپريشن 9 مئي کان 9 جون جاري رهندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پهريان 15 ڏينهن سموريون اڏامون سڌي ريت مدينا منورا ايئرپورٽ تي لهنديون. 24 مئي کان 9 جون ڪجهه اڏامون جده ايئرپورٽ تي لهنديون. فلائيٽ آپريشن جي پهرين ڏينهن اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، ملتان، سيالڪوٽ مان 11 اڏامن ذريعي 2160 حاجي سڳورا سعودي عرب روانا ٿيندا. ڪوئيٽا مان پهرين حج اڏام 11 مئي، سکر مان 27 مئي تي رواني ٿيندي. 259 حج اڏامن ذريعي 68 هزار کان وڌيڪ سرڪاري سطح تي حاجي سڳورا سعودي عرب پهچندا.