هنيه جي شهادت: اسرائيل خلاف ٺهراءُ منظور: پهريان پاڻ متحد ٿيو: حڪومت ۽ اپوزيشن جو ڳالهين تي زور

آگسٽ 3, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اسماعيل هنيه جي شهادت تي اسرائيل خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، حڪومتي ۽ اپوزيشن بينچز تان ڳالهين تي زور ڏنو ويو. تفصيل موجب ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ شهيد اسماعيل هنيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، بئريسٽر گوهر، پارليامينٽ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن، اعليٰ آفيسرن، عملي  ۽ ميڊيا جي نمائندن جي وڏي انگ  شرڪت ڪئي. جنازي نماز  مفتي احمد الرحمان پارليامينٽ هائوس ۾ پڙهائي. جنهن بعد دعا گهري وئي. هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي شهادت تي مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اسيمبلي اجلاس دوران اسماعيل هنيه جي شهادت واري معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي، ظلم جي مخالفت ڪري ٿو، هي ايوان اسرائيل کي رد ڪري ٿو، قرارداد موجب ايوان فلسطيني ڀائرن جي حمايت جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسماعيل هنيه جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات ۾ جمشيد دستي فلسطين زنده باد ۽ اسرائيل مرده باد جا نعرا هنيا، بعد ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه مولانا مصباح الدين دعا مغفرت ڪرائي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ايوان ۾ آيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن ”چور چور“ جا نعرا هنيا، وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته اسماعيل هنيه جي شهادت تي سڄي دنيا روئي رهي آهي، متفقه قرارداد پاس ڪرڻ تي مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺل ميمبرن ۽ اتحادي جماعتن جو شڪر گذار آهيان.هن چيو ته اسماعيل هنيه جي شهادت امن جي ڪوششن لاءِ وڏو ڌڪ آهي، پاڪستان اسماعيل هنيه جي خاندان ۽ فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته فلسطين جي مسئلي تي اکيون بند ڪرڻ سان ڪم نه ٿيندو، فلسطين مقتل گاهه بڻجي چڪو آهي، اتي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته پاڪستان فلسطين جي مدد جاري رکندو، فلسطيني زخمين کي طبي امداد پاڪستان پهچائيندو رهندو، زخمي فلسطيني ڀائرن کي علاج لاءِ پاڪستان آڻڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن، سڄي پاڪستان ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي. بريسٽر گوهر چيو ته عالم اسلام هن وقت تائين اسرائيل کي منهن ٽوڙ جواب نه ڏئي سگهيو آهي فلسطين ۾ هزارين مسلمان شهيد ٿي چڪا آهن، قراردادن سان ڪجهه نه ٿيندو، اسان کي ڏسڻو آهي ته اسرائيل مضبوط آهي يا مسلم دنيا ڪمزور آهي، او آءِ سي ڪانفرنس نه سڏائڻ موجوده حڪومت جي ناڪامي آهي، اسرائيلي ظلمن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. اسان کي رڳو اسرائيل خلاف اتحاد جي ضرورت ناهي، جڏهن توهان پنهنجن کي ئي گڏ نه ڪري سگهيا ته اسرائيل خلاف ڪهڙو بلاڪ ٺاهيندا؟ انساني حقن جون سڀ کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون موجوده حڪومت ۾ ٿيون آهن، اسان پارليامينٽ ۾ ڳالهائينداسين. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ چيو هو ته قانون موجب ڪنهن کي به گهر مان نه کنيو ويندو، اسان جي ڪارڪن حاجي امتياز کي پروڊڪشن آرڊر جي درخواست داخل ڪرائي وئي پر هو اڄ حاضر ناهي ٿيو، ان تي اياز صادق چيو ته هو پوليس جي حراست ۾ ناهي. ان تي بئريسٽر گوهر چيو ته اوهان ايوان جا نگران آهيو، اوهان سڀني جو اسپيڪر آهيو، حاجي امتياز کي پيش ڪرڻ اوهان جي ذميواري آهي، هي جبري گمشدگي ختم ٿيڻ گهرجي. وزير اعظم چيو چيو ته مان بيريسٽر گوهر جي درخواست کي ضرور ڏسندس. ان کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته انسانيت تي يقين رکندڙ هر ماڻهو غمگين آهي، اسرائيلي ظلمن جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال ناهي، سموري انسانيت کي اسرائيل جي خلاف بيهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پنهنجا معاملا تمام پيچيده ڪري ڇڏيا آهن، اسان کي گڏجي جهڙي طرح مسئلن کي منهن ڏيڻو هيو ائين نه پيا ڪريون، اسان پاڻ ئي ننڍن معاملن تي ورهايل آهيون، اسان جي  ڳالهه ڪير ٻڌندو؟ اسان پاڻ کي اتي ڦاسايو آهي، اسان کي خبر ناهي ته اسان ڪٿي آهيون. راجا پرويز اشرف چيو ته اچو اسان پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪريون، مان وزير اعظم کي چوان ٿو اچو ڳالهيون شروع ڪيو. جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

Leave A Comment