حسن نصر الله جو مڙهه ملي ويو: اسرائيل پاران هڪ وڌيڪ مک اڳوڻ نبيل ڪائوڪ کي به مارڻ جي دعويٰ
سيپٽمبر 30, 2024
تل ابيب (م ڊ) اسرائيل هٿان شهيد ٿيندڙ حزب الله سربراهه حسن نصر الله جو لاش ملي ويو آهي. جڏهن ته يهودي فوج حسن نصرالله کانپوءِ حزب الله جي هڪ ٻئي سينيئر ليڊر کي قتل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته ڇنڇر ڏينهن فضائي حملي ۾ حزب الله جي مرڪزي ڪائونسل جو ميمبر ۽ سينيئر اڳواڻ نبيل ڪائوڪ مارجي ويو. حزب الله جي ويجهن ذريعن موجب اسرائيلي حملي ۾ نبيل ڪائوڪ مارجي ويو، هو حزب الله جي اندروني سيڪيورٽي جو انچارج هو. هوڏانهن لبنان ۾ اسرائيلي بمباري جاري آهي، پرڏيهي ميڊياموجب لبنان جي بقاع وادي تي حملن ۾ وڌيڪ 21 لبناني شهري مارجي ويا. 47 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملي ۾ 24 ڄڻا شهيد ۽ 20 زخمي ٿي پيا. لبناني اختيارين موجب اسرائيلي حملن بعد ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو پنهنجا گھر ڇڏي چڪا آهن. ياد هوڏانهن هڪ ڏينهن اڳ شهيد ٿيندڙ حسن نصر الله جو مڙهه ملي ويو آهي. پرڏيهي خابروا يجنسي موجب حسن نصر الله شهيد جي جسم تي معمولي زخم هئا سندس جسم تي ڪو وڏو گھاءُ نظر نه آيو. خابرو ايجنسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته حسن نصر الله جو مڙهه ڏکڻ لبنان واري علائقي ۾مليو آهي
حسن نصرالله جي شهادت خلاف ڪراچي ۾آمريڪي قونصليٽ ڏانهن مارچ: شيلنگ: 11 زخمي
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جي شهادت خلاف ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني ڏانهن مارچ جي ڪوشش، پٿراءُ، شيلنگ، هوائي فائرنگ، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. صحافي ۽ ايس ايچ او سميت 11 زخمي، ڪالهه ايم ڊبليو ايم طرفان حسن نصر الله جي شهادت خلاف آمريڪي قونصل خاني ڏانهن مارچ ڪيو ويو، احتجاج ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل هو. پوليس جي وڏي نفري مارچ کي آمريڪي قونصل خاني کان ڪجهه مفاصلي تي روڪيو، انهي دوران مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪري ڏنو. موٽ ۾ پوليس مظاهرين تي شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ڪئي، پٿر لڳڻ سبب ايس ايچ او موچڪو بشير وڌو سميت 10 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ صحافي دانيال سيد به زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڊي ايس اين جيز ۽ پوليس موبائلن جا شيشا ٽٽي پيا. شيلنگ سبب ڪجهه مظاهرين جي حالت پڻ خراب ٿي، پوليس اٽالن آمريڪي قونصل خاني طرف ويندڙ سمورا رستا سيل ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊي آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي وڌيڪ نفري مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، بعد ۾ پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڳالھيون ٿيڻ بعد احتجاج ختم ٿي ويو.
غزه ۾ وڌيڪ 9 فلسطيني شهيد: لبنان کانپوءِ اسرائيل جا يمن تي به حملا: تيل ذخيرا تباهه
غزه/ صنعا (م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي فوج هٿان وڌيڪ 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته غزه ۽ لبنان کان پوءِ اسرائيل يمن تي به حملا ڪري ڏنا آهن، جتي تيل ذخيره تباهه ڪيا ويا. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب غزه ۾ وڌيڪ 9 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ 7 آڪٽوبر 2023ع کان هيل تائين فلسطين ۾ اسرائيل هٿان شهيد ٿيندڙن جو انگ 41 هزار 595 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن. هوڏانهن غزه ۾ قتل عام ڪندڙ اسرائيل لبنان کانپوءِ يمن تي به حملا ڪري ڇڏا آهن، پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج يمني شهر حديده تي وڏو هوائي حملو ڪيو. اسرائيلي فوج به حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته يمن جي شهر حديده تي حملي ۾ ڪيترن ئي جهازن جو استعمال ڪيو ويو. هوڏانهن پورٽ سٽي حديده تي حملي ۾ جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. ٻڌايو پيو وڃي ته اسرائيلي حملن ۾ يمن جا تيل جا ذخيرا تباهه ٿيا آهن.