حسن نصرالله جو امڪاني جانشين ۽ غزه ۾ وڌيڪ 73 شهيد، فلسطين ۾ ڪفن اماڻڻ جي اپيل

آڪٽوبر 24, 2024

تل ابيب/ غزه/ بيروت(م ڊ) اسرائيلي فوج پاران حزب الله سربراهه حسن نصرالله جي امڪاني جانشين هاشم صفي الدين کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 73 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 130 زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته 3 هفتا اڳ بيروت ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي بمباري دوران هاشم صفي الدين مارجي ويو هو

اسرائيلي فورسز پاران 4 آڪٽوبر تي به اهڙي دعويٰ ڪئي وئي آهي، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هاڻي تصديق ٿي وئي آهي ته حزب الله جو نئون امڪاني سربراهه هاشم صفي الدين مارجي چڪو آهي، جڏهن ته حزب الله پڻ پنهنجي ساٿي اڳواڻ جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي

اسرائيل جي غزا ۾ نسل ڪشي مهم جاري آهي، هوائي حملن ۾ وڌيڪ 73 فلسطيني شهيد ٿي ويا. جڏهن ته 130 زخمي ٿي پيا اتر غزا ۾ بيت لاهيا ڪيمپ تي بمباري سبب 7 فلسطيني پناهگير شهيد ٿي ويا

اتر غزا جو 18هين ڏينهن به گهيراءُ برقرار آهي جڏهن ته خوراڪ ۽ پاڻي  جي فراهمي بند آهي. ڏکڻ غزا ۾ ڪلينڪ تي اسرائيلي بمباري سبب 4 ڄڻن شهادت ماڻي

اولهندي ڪناري ۾ يهودي فورسز فائرنگ ڪري 11 ورهين جو نينگر شهيد ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي به شامل آهن

دير البلاح ۾ اسرائيلي فوج گڏيل قومن جي امدادي اداري جي ڪار کي نشانو بڻايو جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

عرب ميڊيا موجب نصيرات ۾ به اسرائيلي فوج بمباري ڪئي جنهن سان هڪ فلسطيني شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي

Leave A Comment