ايڇ ڊي اي جي ملازمن کي ٻن مھينن اندر پينشن ۽ بقايائون ڪليئر ڪرڻ جو حڪم

آڪٽوبر 2, 2024

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ايڇ ڊي اي جي ملازمن کي ٻن مھينن اندر پينشن ۽ بقايائون ڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ جي ٻڌڻي ۾ صبح جي وقت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جو صوبائي سيڪريٽري سيد خالد حيدر شاهه، ڊي جي ايڇ ڊي اي پرويز بلوچ، ايم ڊي واسا زاهد کيمٽيو ۽ ٻنهي کاتن جا عملدار توڙي درخواست گذارن جو وڪيل عمران علي ٻوڙاڻو پيش ٿيا. عدالت ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته ايڇ ڊي اي ۽ واسا جي ملازمن کي پگهار ۽ پينشن ڪيئن ۽ ڪڏهن ادا ٿيندي جنهن تي عملدارن چيو ته ٿورو وقت ڏنو وڃي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ٻڌڻي ٻيهر ٿيندي جنهن ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو. عدالتي ڪارروائي سبب ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه سڄو ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ عملدارن سان گڏ گذاريو. سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ٻيھر ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ ڊي جي ايڇ ڊي اي پاران وڪيل انڊر ٽيڪنگ ڏني ته ٻن مھينن اندر سمورين بقايائن سميت پينشن ڪليئر ڪئي ان کان اڳ  ٻڌڻي دوران عدالت پاران ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ رمارڪس ڏيندي چيو ته ملازمن جي پينشن ۽ پگھارن جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو، واسا ۽ ايڇ ڊي اي اصل ۾ ڪھڙي کاتي ۾ آھن، لوڪل گورنمينٽ ۾ آھن يا نه؟ عدالت جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کان ڪيل پڇاڻي تي هن عدالت کي آگاهي ڏني ته اھي ملازم لوڪل گورنمينٽ ۾ ئي آھن جنهن تي عدالت چيو ته توھان پھرين ڪٿي ھئا، ملازم ٽن چئن سالن کان پينشن ۽ پگھارن لاءِ رلي رھيا آھن، اوھان کي عدالت پاران طلب ڪيو ويو، توھان غير حاضر ڇو رھيا، ٻڌايو وڃي ته ملازمن جي پگھارن ۽ پيشن جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو جنهن تي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته اسان پروپوزل ٺاھي وڏي وزير کي موڪليو آھي. عدالت چيو ته اسان کي پھرين رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جو مسئلو حل ڪرڻو آھي.  جواب ۾ ايم ڊي واسا جي وڪيل چيو ته اسان وٽ ڪوارٽر ون جا پئسا موجود آهن، اجازت ملي ته ملازمن کي ھڪ پگھار ڏئي سگھون ٿا جنهن تي عدالت چيو ته اھي پئسا ڪٿان آيا آهن. جواب ۾ وڪيل چيو ته اهي پئسا اسڪيمن مان آيا آهن جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان اھو پھرين ئي واضح ڪري چڪا آھيون ته بلڊرن پاران ملندڙ ٽئڪس ۽ ڊولپمينٽ جا پئسا پگھارن تي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، اسڪيم جا ملندڙ پئسا پينشن يا پگھارن ۾ ڪيئن ٿا استعمال ڪريو، ايڇ ڊي اي جون ڪيتريون ئي اسڪيمون اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگھيون آھن، جيڪو ڪم توھان کي ڪرڻو آھي اھو بلڊر پاڻ پيا ڪرائين،  اسان ھتي ويٺا آھيون ته ڇا اسان کي خبر ناھي ته ٻاھر ڇا پيو ٿئي، ڪھڙين اسڪيمن مان ڪيترا پئسا پيا اچن، سيڪريٽري بلديات ٻڌڻي دوران عدالت کي مطمئن نه ڪري سگھيو جنهن تي عدالت چيو ته اسان 6 وڳي تائين ويٺا آھيون، پاڻ ۾ ويھي معاملو ڪليئر ڪري ڏيو جنهن بعد ٻيهر ٻڌڻي ۾ عدالت کي وڪيل معرفت انڊر ٽيڪنگ ڏيندي چيو ته ٻن مهينن اندر ملازمن جي پينشن ۽ پگهارن جو مسئلو ڪليئر ڪيو ويندو جنهن تي عدالت ٻن مهينن اندر پينشن ۽ پگهارون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊي جي ايڇ ڊي اي کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ٻن مهينن اندر مسئلو حل نه ٿيو ته توهان خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلايو ويندو. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 80 کان وڌيڪ ملازمن وڪيل عمران ٻوڙاڻو ۽ ٻين معرفت درخواستون داخل ڪرايون ھيون جنهن تي هڪ ڪيس ۾ تبديل ڪري ٻڌڻي ڪئي وئي.

الله جو واسطو اٿو پگھارون ڏيو: ملازم سيڪريٽري جي پيرن تي ڪري پيا

حيدرآباد: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي بعد ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عدالتي احاطي مان ٻاھر نڪتو ته ايڇ ڊي اي ۽ واسا جا ملازم سندس پيرن تي ڪري پيا ۽ چيو ته الله جو واسطو اٿو پگھارون ڏيو، گھرن ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال آھي جنهن سبب سخت پريشان آھيون. ملازمن چيو ته اسان جا ادارا ڪمائڻ وارا آھن پوءِ پگھارون ڇو نٿيون ملن. ٻارڙا بک تي آھن اسان ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي ڏوراپو ڏيندي ملازم روئڻ هارڪا ٿي ويا.

ايچ ڊي اي ۽ واسا کي پلاننگ ڪرڻي پوندي ته جيئن گرانٽ تي ڀاڙڻو نه پوي: ايڊيشنل چيف سيڪريٽري

حيدرآباد: ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري خالد حيدر شاھ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملازم جي پينشن ۽ پگھارن بابت تفصيلي فيصلو اڄ يا سڀاڻي جاري ٿي ويندو. اسڪيمن جا پئسا پينشن ۽ پگھارن ۾ استعمال ڪرڻ بابت ڊي جي ايڇ ڊي اي ئي ٻڌائي سگھي ٿو، ان کي خبر ھوندي ته انھن ڪيتري رڪوري ڪئي آھي ۽ ڪيترا پئسا خرچ ڪيا آھن. هن چيو ته ايڇ ڊي اي ۽ واسا جا ملازم لوڪل گورنمينٽ ۾ ذيلي اداري جا ملازم آھن. انشاءَ الله ھنن جا مسئلا کاتو حل ڪندو. هن چيو ته ٻنھي ادارن کي پنھنجي اندر ادارتي طور تي به ڏسڻو پوندو ۽ پلاننگ ڪرڻي پوندي ته جيئن گرانٽ تي ڀاڙڻو نه پوي. اڄ جيڪو آرڊر ايندو ان بعد سمورا تفصيل ملي ويندا. ايڇ ڊي اي وارا چون ٿا اسان کي 100 سيڪڙو پگهارون ملن. واسا کي مختلف وقتن تي گرانٽ ڏيندا رھيا آھيون، انھن پيمينٽ ڪئي آھي انھن جي طرفان ھاڻي وري ٻي ڊمانڊ آئي آھي. هن چيو ته ادارن جا 36 اڪائونٽن مان ٻه چار اڪائونٽ منجمند آھن جن مان ھڪ پينشن جو اڪائونٽ شامل آهي.

Leave A Comment