دل، گردا، ڦڦڙ، ساهه، جگر جي بيمارين ۾ متبلا ماڻهو حج نه ڪري سگهندا: هيلٿ پاليسي تيار

نومبر 2, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مذهبي معاملن واري وزارت پاڪستاني حاجين لاءِ هيلٿ پاليسي تيار ڪري ورتي آهي، پاليسي سعودي عرب جي حالتن مطابق تيار ڪئي وئي، هن سال  ڊائلاسز ڪرائيندڙ ماڻهن تي حج تي وڃڻ تي پابندي هوندي، پاليسي موجب دل جو دورو، ڦڦڙن جي بيماري، مصنوعي اوزار ۽ ساهه جي تڪليف جا مريض به حج نٿا ڪري سگهن، اهڙا مريض جن کي جگر جي خرابي جو خدشو هوندو اهي به حج تي نه ويندا، سنگين اعصابي ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن، پيٽ ۾ پاڻي ڀرجڻ، منهن مان رت وهڻ، جسماني معذور ماڻهو، ڪمزوريءَ ياداشت، يا وسارڻ جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو به حج تي نه وڃي سگهندا. پاليسي موجب ست مهينن جي ڳورهاري عورت کي به حج تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، منتقل ٿيندڙ بيمارين ۾ مبتلا مريضن، ٽي بي ۽ ڪينسر جي علاج هيٺ مريض، انفلوئنزا، ڊينگي ۽ ڪورونا جا مريض به نئين حج پاليسي تحت حج تي نٿا وڃي سگهن. حج لاءِ گردن ٽوڙ بخار، انفلوئنزا، ڪورونا ۽ پوليو  سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنا ويا آهن.

Leave A Comment