گرمي ۽ بجلي بندش برقرار: وڌيڪ 3 ڄڻا فوت: مظاهرا ۽ ڌرڻا: لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم، ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو
مَي 29, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ شديد گرميءَ جي لهر جاري، نوابشاهه 52 ڊگري سان گرم ترين شهر رهيو، دادو ۾ 51، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ،سکر ۾ 50 ۽ حيدرآباد ۾ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، روهڙي، خيرپور، سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به شديد گرمي ماڻهن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا، ڪراچي ۾ 35 ڊگري جي گرمي 39 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي، موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ اڄ کان پهرين جون تائين هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پارو 43 ڊگري تائين چڙهڻ جا امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن گرمي لڳڻ ڪري سن ۾ ڳوٺاڻو امير بخش کوسو فوت ٿي ويو، رپڙي ڀرسان ڳوٺ شفيع محمد شاھاڻي واسي نوجوان غلام عباس شاھاڻي ۽ ڄام صاحب ويجهو ڳوٺ حڪيم مجيداڻو واسي پورهيت 40 ورهين جو سانوڻ مجيداڻو گرمي جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويا. گرمي دوران بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ماڻهن جو جياپو عذاب بڻائي ڇڏيو، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 15 کان 18 ڪلاڪن تائين جي لوڊشيڊنگ رهي، حيدرآباد ۾ به 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ معمول بڻيل رهي، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ بينظير آباد ۾ به اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري رهي، سنڌ ۾ حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ برف جو بحران به رهيو. بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف ميهڙ، نصيرآباد، ٺٽو سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بجلي چوري جي خاتمي لاءِ صوبائي ۽ ڊويزن سطحي تي ٽاسڪ فورسز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شديد گرمي ۾ لوڊ مئنيجمينٽ کي بهتر ڪيو وڃي، بجلي جي اوور بلنگ بلڪل نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم بجلي چوري روڪڻ لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مدد گهري ورتي. وزيراعظم اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نقصان تي هلندڙ فيڊرز تي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جي هدايت ڪئي. ڪالھه وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بجلي چوري خلاف قدمن بابت جائزي لاءِ اجلاس ٿيو. وزيراعظم پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي نقصان تي هلندڙ فيڊرز تي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جي هدايت ڪئي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته بجلي چوري ڪندڙن خلاف سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو. بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪنداسين، بجلي چوري جي روڪٿام بابت اڳڀرائي جو هر مهيني ذاتي طور تي جائزو وٺندس. صوبائي حڪومتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بجلي چوري خلاف مهم ۾ ڀرپور سهڪار ڪن. هن چيو ته قومي مفاد ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورا سرڪاري ادارا بجلي چوري خلاف پنهنجون ذميواريون موثر انداز ۾ ادا ڪن. بجلي جي اوور بلنگ هرگز نه ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ماهرن کي ڀرتي ڪيو وڃي. بلوچستان ۾ ٽيوب ويلن کي سولر ڪرڻ بابت حڪمت عملي جلد کان جلد ترتيب ڏني وڃي. اجلاس ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ بجلي چوري بابت قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڪي پي جي وڏي وزير بجلي چوري گهٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم پاران ڪي پي جي وڏي وزير سان ٿيل ملاقات ۾ اڳڀرائي جي ساراهه ڪئي وئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بجلي چوري روڪڻ لاءِ صوبائي ۽ ڊويزنل سطح تي ٽاسڪ فورس قائم ڪري رهيا آهيون، ٽاسڪ فورسز جي ڪارڪردگي جو هفتيوار جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ چيئرمين واپڊا ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.