ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان تيز مينهن وسڻ جي اڳڪٿي
جُون 4, 2024
اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي هلندڙ هفتي دوران گرمي جي لهر ختم ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي. موسميات کاتي موجب 4 کان 7 جون تائين مٿانهن علائقن ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي، ڪمزور اولهه هوائون سڀاڻي مٿانهن ۽ وچولن علائقن ۾ داخل ٿينديون. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 3 کان 8 جون تائين گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، 4 کان 8 جون تائين چترال، مانسهرا، هري پور، ڪوهستان ۽ شانگلا ۾ مينهن وسندو، 4 کان 6 جون تائين اسلام آباد، مري، اٽڪ، جهلم، منڊي بهاوالدين ۽ گوجرانوالا ۾ برسات جو امڪان آهي. لاهور، حافظ آباد، سيالڪوٽ، قصور، اوڪاڙا، فيصل آباد ۽ خوشاب ۾ به مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. 6 کان 7 جون تائين جيڪب آباد، ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي، 5 کان 7 جون تائين ڪوئيٽا، زيات، ڪوهلو، ڊيرا بگٽي ۽ بارکان ۾ مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي