ڪوهستان ۾ تيز برسات، نئيون وهي آيون، 60 گهر ڊهي پيا، 2 ڄڻا فوت

آگسٽ 5, 2024

ٿاڻوبولاخان (رپورٽ: سهيل يوسف) ٿاڻوبولاخان، ڪوھستان جي ڪرچات واري علائقي جي مختلف ڳوٺن علي نواز برفت، سلطان برفت، علي محمد برفت ۽ ٻين ڳوٺن ۾رات واري برسات ۾ 60 کان مٿي گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، برسات جي تيز پاڻي ۾  سولر پليٽون ۽ چوپايو مال پڻ لڙهي ويو، جڏهن ته جابلو پٽين مان نئيون وهي اچڻ سبب آبادگارن جا فصل لڙهي ويا، نيئن جو پاڻي اچڻ سبب ڪرچات شھر ۾ٽن دڪانن کي نقصان پهتو، ڪرچات ۾ ھارپو  ڪندڙ ڪولي برادريءَ جا ڪکائون گھر ۽ چوپايو  مال لڙھي ويون، جڏهن ته ڪوھستان جي وڏي ۾ وڏي نئين ٻارڻ جو وھڪري سبب ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽيل آهي،  علائقي ۾ پوکڻ ڊيم ڀرجي ويو  آهي، بندن جي مرمت نه ٿيڻ سبب  ڊيم ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ٻي طرف ڪرچات واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 65 سالن جو  علي محمد برفت ۽ سندس 22 ورھين جي ننھن  شھزادي فوت ٿي ويا آهن.

Leave A Comment