هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي تهران ۾ جنازي نماز ادا : لکين ماڻهن جي شرڪت
مَي 22, 2024
هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي تهران ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، صدر ابراهيم رئيسي سان گڏ فوت ٿي ويل پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي به جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جنازي نماز پڙهائي، جنازي ۾ فلسطين جي ويڙهاڪ جماعت حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه ۽ لکين ماڻهن جي شرڪت، ايراني ميڊيا موجب جنازي نماز ۾ 10 حڪومتي سربراهن ۽ وزيرن سميت 40 کان وڌيڪ پرڏيهي وفد به شريڪ ٿيا، قم، تبريز ۽ ٻين ايراني شهرن ۾ به صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين جي لاءِ لکين ماڻهن پاران غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايران جو صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير ۽ ٻيا آچر ڏينهن هيليڪاپٽر تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ اجل جو شڪار ٿيا هئا