هاءِ ڪورٽ عمران ۽ بشريٰ خلاف 190ملين ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو: نيب کي نوٽيس
سيپٽمبر 19, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ باني تحريڪ انصاف ۽ بشري بي بي جي بريت واري درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪيو ويو
عدالت ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ بريت جي درخواست تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪئي
عدالت ٻنهي درخواستن تي اعتراضن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي رجسٽرار کي ڪيس جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تي ٻيهر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باني تحرڪ انصاف ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جي درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٽرائل ڪورٽ کي به حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 سيپٽمبر تي ٿيندي