هاءِ ڪورٽ عمران ۽ بشريٰ خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو
آگسٽ 20, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت کي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو حتمي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو، ڪيس جي ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس بابر ستار تي ٻڌل 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان صفدر احتساب عدالت ۾ هلندڙ 190 ملين پائونڊ ڪيس جي ڪارروائي روڪڻ جي استدعا به ڪئي، عدالت استدعا رد ڪندي چيو ته عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻجو ۽ دير وارا ٽڪساٽ استعمال نه ڪيو، عدالت چيو ته جيڪڏهن دير وارا حربا استعمال ڪيا ويا ته ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڏيڻ کان روڪڻ وارو حڪم واپس وٺي ٽرائل ڪورٽ کي جلد کان جلد فيصلو ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويندو. عدالت باني تحريڪ انصاف جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي اربع تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. وڪيل سلمان صفدر چيو ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ 59 مان 35 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن، ٻين شاهدن کي غير ضروري قرار ڏنو ويو آهي، ڪيس جي 8 جوابدارن مان ڇهه اشتهاري آهن. صرف ٻه زال مڙس خلاف ڪيس جاري آهي. اصل الزام ملڪ رياض جي فيملي جي حد تائين آهي ۽ هو اشتهاري آهي، الزام هي آهي ته عمران جڏهن وزير اعظم هيو هن 190 ملين پائونڊ جي حوالي سان سهولت فراهم ڪئي. نيب جو ڪيس آهي ته پئسا اسٽيٽ بينڪ ۾ اچڻا هئا پر سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ آيا. هن چيو ته اپريل 2020 تي ملڪ رياض فيملي جي حد تائين انڪوائري بند ڪئي وئي هئي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته هي زمين تحفي ۾ ڪڏهن ڏني وئي. سلمان صفدر ٻڌايو ته 2019 ۾ زمين يونيورسٽيءَ جي لاءِ گفٽ ٿي. سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي نيب ڪيسز جا فيصلا ٻڌائڻ کان روڪيو آهي. عدالت درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 21 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.