حيسڪو ريجن ۾ اوور بلنگ جو انڪشاف: واهپيدارن کي 8 ارب 44 ڪروڙ جا بل جاري

سيپٽمبر 10, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) قومي گرڊ مان ملندڙ يونٽس گهٽ ۽ بلنگ وڌيڪ هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين صارفين کي 8 ارب 44 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا بل جاري ڪري ڇڏيا آهن. ”پنهنجي اخبار“ کي هٿ آيل رپورٽ موجب حيسڪو ريجن ۾ مالي سال 22-2023ع ۾ ڏيڍ ارب کان وڌيڪ آمدني اوورنگ بلنگ ذريعي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ملڪ ۾ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪيترائي پروجيڪٽ ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ سنڌ جي توانائي کان وٺي مختلف ذريعن کان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ باوجود توانائي جي بحران تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي ته ٻئي طرف حيسڪو سميت بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين پاران قومي گرڊ مان فيڊرن کي ملندڙ يونٽن کان به وڌيڪ يونٽن جو بل جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. وفاقي حڪومت جي دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪمرشل پروسيجر مطابق روينيو آفيسر ايگزيڪيوٽو انجنيئر سان گڏ ملي اٿارٽي پاران وقتن به وقتن طئي شده ڪمرشل پاليسي کي لاڳو ڪرڻ ۽ بلن جي وصولي جي طريقيڪار جو موثر نفاذ ڪرڻ جا ذميوار هجن ٿا. ڊسڪوز جي آڊٽ دوران اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي هڪ هزار 95 فيڊرن جي بجلي جي نقصانن جي شرح منفي انگن اکرن ۾ ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ منفي نقصانن مان اهو ظاهر ٿيو آهي ته جن يونٽن جي بلنگ ڪئي وئي آهي اهي يونٽس فيڊرن کي ملندڙ يونٽن کان وڌيڪ آهي جنهن جو انگ 30 ڪروڙ 38 لک يونٽن کان به گهڻو آهي ۽ ڄاڻايل اضافي جي يونٽن جي مد ۾ صارفين کان 8 ارب 44 ڪروڙ کان وڌيڪ اضافي رقم بلن جي صورت ۾ وصول ڪئي وئي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب مالي 22-2023ع ۾ حيسڪو ريجن جي 98 فيڊرن تي اضافي يونٽن جي مد ۾ ڏيڍ ارب رپين کان وڌيڪ آمدني رڳو اضافي بل جاري ڪري ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح فيسڪو، گيپڪو، ليسڪو، ميپڪو ۽ ٻين بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين به 5 ارب رپين کان وڌيڪ رقم اوور بلنگ ذريعي ناجائز طريقي سان حاصل ڪئي آهي. رپورٽ موجب لاڳاپيل بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي انتظاميا مختلف فيڊر ۽ ريجنز خلاف لائين لاسز جي انگن اکرن کي غير شفاف طريقي سان ظاهر ڪيو ۽ ڪيترن ئي فيڊرن کي اوور بلنگ ڪئي وئي جنهن کي فوري طور تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Leave A Comment