تاريخي بئراج جي گيٽن کي نقصان ڪيئن پهتو: صوبائي وزير توڙي ٻيا عملدار ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪاري

جُون 24, 2024

سکر: سکر بئراج جي گيٽن کي نقصان ڪيئن پهتو، ڪيستائين بحالي ممڪن آهي، ان بابت صوبائي وزير، سيڪريٽري توڙي لاڳاپيل عملدار ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪاري آهن، سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 ۽ 44 کي نقصان پهچڻ کان پوءِ هن وقت تائين صوبائي وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري ظريف کيڙو، چيف انجنيئز، ايم ڊي سيڊا، چيني انجنيئرز، شپ يارڊ توڙي مختلف ڪمپنين جا ماهر توڙي انجنيئز سکر بئراج پهتل آهن. شروعات ۾ ايريگيشن عملدارن صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر بئراج جي گيٽن کي هڪ لڙهندڙ وڻ مان نقصان پهتو آهي، جنهن متعلق اسسٽنٽ انجنيئر فياض شاهه پاران به اعتراف ڪيو ويو هو پر بعد ۾ اِن معاملي تي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو سکر بئراج پهچي بئراج جي ٽٽل گيٽ جي مرمت جو جائزو ورتو هو، ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو کي بئراج انتظاميه پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي گهڻي ڇوڙ دوران تيز هوائن سبب سکر بئراج جو گيٽ نمبر 47 ٽٽي ويو، جڏهن ته گيٽ نمبر 44 پڻ متاثر ٿيو آهي، اهي ٻئي دروازا هڪ وڻ جي ڪرڻ سبب متاثر ٿيا آهن، متاثر ٿيل دروازن کي هٽائي پاڻي جي وهڪري کي گهٽ ڪري متبادل دروازو لڳايو ويندو، پر هن وقت تائين ڪو واضع طور تي نه پيو ٻڌايو وڃي ته سکر بئراج کي ڪيئن نقصان پهتو آهي، جڏهن ته صوبائي وزير ڄام خان شورو جو اِن حوالي سان چوڻ آهي ته 2018 ۾ 39 هون گيٽ ڊيميج ٿيو هو، جنهن کانپوءِ ٿرڊ پارٽي معائني بعد سکر بئراج جي گيٽن کي ڪمزور قرار ڏيندي تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي جنهن تحت ڪم جاري ئي هيو ته واقعو پيش آيو آهي. اِن کان علاوه متاثر گيٽن جي بحالي جي حوالي سان 3 ڏينهن اڳ صوبائي وزير ۽ سيڪريٽريءَ جو چوڻ هو ته ماهر انجنيئرز سان گڏجاڻي ڪرڻ بعد ٽائيم فريم 24 ڪلاڪن اندر ڏنو ويندو پر هن وقت تائين ٽائيم فريم ناهي ٻڌايو ويو.

سکر بئراج جي تعمير تي انگريز دور ۾ 40 ڪروڙ رپيا لاڳت آئي، 7 ڪينال ڪڍيا ويا

سکر: سکر بئراج جي تعميرات وارو ڪم 1923 ۾ شروع ٿيو، جيڪو 1932 ۾ برطانيه دور ۾ 40 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيو، سکر بئراج لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلو ميٽر تي مشتمل آهي، جنهن جي لمبائي 5000 فوٽ آهي، جڏهن ته سکر بئراج 66 دروازن تي مشتمل آهي، سکر بئراج مان 7 ڪئنال دادو ڪئنال، رائس ڪئنال، کيرٿل ڪئنال، روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال، خيرپور ايسٽ ڪئنال ۽ خيرپور ويسٽ ڪئنال نڪرن ٿا، جن ذريعي 90 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي، سکر بئراج کي معيشت جي ريڙهه جي هڏي تصور ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن سکر بئراج نه هجي ها ته زمينون بنجر هجن ها ۽ سنڌ ۾ زراعت نه هجڻ برابر هجي ها، سکر بئراج تي 90 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آباد ٿئي ٿي، ليفٽ بينڪ ڪئنال تي 50 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ۽ رائيٽ بينڪ تي 40 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آباد ٿيندي آهي، رائيٽ ليفٽ بينڪ ڪئنالز ذريعي پوري سنڌ کي پاڻي فراهم ٿيندو آهي.

چيني ڪمپني کي بئراج جي 56 گيٽن جي تبديلي جو ٺيڪو مليل

سکر: چيني ڪمپنيءَ کي سکر بئراج جي 56 گيٽن ۽ سکر بئراج مان نڪرندڙ ستن ئي ڪئنالن جي 114 گيٽن جي تبديلي جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي، جن مان چيني ڪمپنيءَ سکر بئراج جو صرف هڪ گيٽ نمبر 36 هون تبديل ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته چيني ڪمپنيءَ کي ڏنل ٺيڪي تي ڪم ٻن سالن کانپوءِ ڪيو ويو، جنهن جو ڪارڻ صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪوووڊ دوران مشينري ۽ سامان نه پهچڻ سبب ڪم دير سان شروع ٿيڻ ڄاڻايو آهي.

ڊي سلٽنگ ۽ بندن جي مضبوطي لاءِ اربين رپيا جاري ٿين ٿا

سکر: آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب هر سال سکر بئراج توڙي بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن جي ڊي سلٽنگ، بندن جي مضبوطي لاءِ اربين روپيا جاري ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ پڻ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿيندي آهي، جنهن ۾ آبپاشي کاتي جا عملدار ڀاڳي پائيوار هجن ٿا، ذريعن موجب اڪثر ڪم ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڏيکاريا ويندا آهن ۽ ڪجهه زميني حقيقتن تي به ٿيندا آهن، نتيجي ۾ ٻوڏ واري صورتحال دوران بند ٽٽڻ توڙي ڊي سلٽنگ نه ٿيڻ سبب گهٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ به سنڌو درياهه جا وهڪرا وڌيڪ ظاهر ٿيندا آهن.

بنديءَ دوران بئراج جي گيٽن کي رڳو گريس ۽ رنگ ڪيو وڃي ٿو

سکر: سکر بئراج جي سالياني مينٽيننس لاءِ هڪ وڏي رقم جاري ڪئي ويندي آهي. هر ڀيري واري بندي دوران صرف گيٽن کي خانه پوري ڪرڻ جي لاءِ گريس ۽ ڪلر ڪيو ويندو آهي. ذريعن موجب مينٽيننگ واري عمل ۾ به وڏي پئماني تي رقم ڪرپشن جي ور چڙهي ويندي آهي. جيڪڏهن سالياني مينٽيننس واري رقم مان ئي بهتر نموني ڪم ٿئي ها ته اختيارين کي اهڙا ڏينهن نه ڏسڻا پون ها. جيڪڏهن جلد گيٽ نمبر 47 ۽ گيٽ نمبر 44 جي بحالي وارو ڪم مڪمل نه ٿيو ته ذريعن موجب سکر بئراج جي ڍانچي کي به نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. مختلف گيٽن کي مٿان ڊار به پئجي ويا آهن. پر صوبائي وزير ڄام خان شورو توڙي آبپاشي عملدارن موجب سکر بئراج جو ڍانچو مضبوط آهي اُن کي ڪنهن به قسم جو ڪو به نقصان ناهي پهتو ۽ نه ئي ڪا خطري واري ڳالهه آهي.

بئراج جي عمر 94 سال،  1982 ۾ گولڊن جوبلي ٿي ، گيٽ 31 ڪري پيو

سکر: سکر بئراج جي تعمير بعد 1982 ۾ 50 سال سکر بئراج کي مڪمل ٿيا هئا، جولاءِ 1982 ۾ گولڊن جوبلي ملهائي وئي هئي، پهريون ڀيرو ڊسمبر 1982 ۾ سکر بئراج جو گيٽ نمبر 31 اوچتو ڪري پيو هو، جيڪو بند پيل گيٽن مان هڪ گيٽ ڪڍي لڳايو ويو هو، انگريزن ٽيڪنيڪل سبب ڄاڻائي بئراج جا 10 گيٽ بند ڪيا هئا جن مان هڪ گيٽ ڪڍي 31 هين جي جاءِ تي لڳايو ويو هو، جڏهن ته 1983ع ۾ سکر بئراج جا سمورا 56 گيٽ تبديل ڪيا ويا هئا، آپريشنل سسٽم پراڻو ئي بحال رکيو ويو هو.

Leave A Comment