تاريخ جو سڀ کان وڏو ٽئڪس ٽارگيٽ: 12 هزار ارب جون اوڳاڙيون هدف: پيٽرول مهانگو ٿيندو

جُون 10, 2024

اسلام آباد:ايندڙ بجيٽ ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو ٽئڪس ٽارگيٽ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ،  ايندڙ بجيٽ ۾ ٽئڪس ٽارگيٽ ۾ 3440 ارب رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو لاءِ ايندڙ سال دوران  12 هزار 900 ارب رپين جو ٽئڪس وصولين جو هدف مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ 2 هزار ارب رپيا اضافي روينيو حاصل ڪرڻ لاءِ نوان ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. ذريعن موجب ايف بي آر شروعاتي مرحلي ۾ پيٽروليم شين تي 6 سيڪڙو سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، پيٽروليم شين تي 6 سيڪڙو سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ سان 600 ارب رپين جي آمدني جو امڪان آهي. ايندڙ مالي سال جي فنانس بل ۾ سيلز ٽئڪس جي سموري ڇوٽ کي ختم ڪرڻ جي به تجويز تيار ڪئي وئي، ڊٻي ۾ بند کير تي سيلز ٽئڪس جو امڪان آهي. ذريعن موجب سيلز ٽئڪس جي ڇوٽ ختم ڪرڻ سان 550 ارب رپين جي اضافي آمدني جو امڪان آهي. اضافي ٽئڪس هدف کي پورو ڪرڻ لاءِ سيلز ٽئڪس جي شرح وڌيڪ 1 سيڪڙو اضافو جو امڪان آهي، سيلز ٽئڪس جي شرح ۾ واڌ سان 100 ارب رپين جي اضافي آمدني جو امڪان آهي، سيلز ٽئڪس جي شرح 18 سيڪڙو مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪئي ويندي. ڪمرشل درآمد ڪندڙن لاءِ امپورٽ ڊيوٽي 1 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، ڪمرشل امپورٽرز تي ڊيوٽي جي شرح وڌائڻ سان 50 ارب رپين جو تخمينو لڳايو ويو، ايندڙ بجيٽ لاءِ سموريون ٽئڪس تجويزون آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيون ويون آهن. ايف بي آر ذريعن موجب سيلز ٽئڪس جي شرح ۾ واڌ سبب ايندڙ مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح ۾ به واڌ جو امڪان آهي، اهي تجويزون اضافي آمدني پيدا ڪرڻ لاءِ ابتدائي مرحلن ۾ آهن جن ۾ تبديلي جي جو به امڪان آهي. بجيٽ ۾ 700 ارب رپيا وڌيڪ رکڻ لاءِ مختلف تجويزون غور هيٺ آهن جيڪي جلد تيار ٿي وينديون. سيلز ٽئڪس جو اضافو مختلف براڊ جي 7000 ايٽمن تي ٿي سگهي ٿو. سيلز ٽئڪس وڌڻ سان کنڊ جي في ڪلو قيمت  تي 5 روپيا اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي، کاڌي وارو تيل 5 کان 7 روپيا ليٽر، صابڻ 2 کان 5 روپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. شيمپو 15 کان 20 سيڪڙو، ٽوٿ برش 3 کان 5 رپيا، پولش 3 کان 5 رپيا، مشروبات جي قيمتن ۾ 5 کان 7 رپيا في ليٽر واري بوتل، ڳاڙهو شربت 5 کان 7 رپيا في بوتل، ڪاربونيٽيڊ مشروبات 5 کان 7 رپيا في ليٽر، شربت پائوڊر 5 کان 7 رپيا في پيڪيٽ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. سيلز ٽئڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان هٿ ڌوئڻ واري ليڪوڊ جي بوتل تي 10 کان 15 رپيا، ڊٻي ۾ بند ڏهي 7 کان 10 رپيا، پائوڊر کير 20 کان 30 رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. اهڙي طرح ذريعن موجب سيلز ٽئڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سبب فيٽ کير 5 کان 7 رپيا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته سيلز ٽئڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان سوين اليڪٽرانڪ، ميڪ اپ پروڊڪٽس مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي سيلز ٽئڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان هيئر ڊرائي جون درزنن کان وڌيڪ شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي. سيلز ٽئڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان مختلف برانڊ جا ڪپڙا، چمڙي جون شيون، مصالحن، چانهه ۽ ڪافي، نوڊلز، اسپيگيٽي ۽ پاستا جهڙيون درجنين شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي. سيلز ٽئڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان ٻارن جي ناشتي جو سامان وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. سيلز ٽئڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ سان  ٽشو ۽ پيپر نيپ، ٿانوَ، ڊائپرز، ڪئميرا، سمارٽ واچز، واچون، لوشن ۽ ڪريم،فيس پائوڊر ۽ فائونڊيشن اسٽڪس، آئي پينسل، مسڪار، سرخي (لپ اسٽڪ) ۽ نيل پالش، مصنوعي زيور، پرفيوم، باڊي اسپري وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.

Leave A Comment