هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ جي شڪايت تي فيض حميد خلاف ڪارروائي ٿي

آگسٽ 13, 2024

راولپنڊي: فوجي اختيارين سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ان ڪيس ۾ جاچ جو حڪم ڏنو هو جنهن ۾ هائوسنگ سوسائيٽي جي هڪ مالڪ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو ۽ جنرل فيض مٿان غيرقانوني طور سندس رهائشگاهه تي ڇاپو هڻڻ ۽ قيمتي سامان چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو

17 اپريل تي ميڊيا جي هڪ رپورٽ چيو ويو ته پاڪ فوج ۾ خود احتسابي جو سخت ۽ انتهائي شفاف نظام موجود آهي ۽ ان ئي نظام تحت سمورن الزامن جي انتهائي سنجيدگي سان جاچ ڪئي ويندي آهي ۽ ذميوارن کي سخت سزائون به ڏنيون وينديون آهن ته جيئن پاڪ فوج جو خود احتسابي وارو نظام برقرار رهي

8 نومبر 2023 تي ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ معيز احمد خان سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ هن جنرل (ر) فيض تي پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ جو الزام لڳايو

درخواست ۾ الزام لڳايو ويو ته 12 مئي 2017 تي جنرل فيض جي چوڻ تي آءِ ايس آءِ اهلڪارن طرفان سٽي آفيس ۽ هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو، ڇاپي دوران آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن گهر مان سون، هيرا ۽ روڪ رقم سميت قيمتي شيون ضبط ڪيون

درخواست ۾ اِهو به چيو ويو ته فيض جي هڪ ڀاءَ سردار نجف به بعد ۾ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪيو هو. درخواستگذار دعويٰ ڪئي وئي ته جنرل فيض بعد ۾ ذاتي طور تي ان مسئلي جي حل لاءِ ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن خاطري ڪرائي ته ضبط ڪيل ڪجهه سامان واپس ڪيو ويندو، جڏهن ته 4 سئو تولا سون ۽ روڪ رقم واپس نه ڪئي ويندي

درخواستگذار اِهو به الزام لڳايو هو ته آءِ ايس آءِ اهلڪار چار ڪروڙ رپين جي روڪ رقم به کڻي ويا، ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته الزام انتهائي سنگين نوعيت جا آهن ۽ جيڪڏهن درست آهن، ته بنا شڪ وفاقي سرڪار، هٿياربند فوج، آءِ ايس آءِ ۽ پاڪستان رينجرز جي ساک کي نقصان پهچندو تنهنڪري معاملي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پر عدالت درخواست ۾ ڪيل مطالبي تحت آئين جي آرٽيڪل 184 ٽي جي ڪارروائي ناهي ڪئي

درخواستگذار طرفان استدعا ڪئي وئي هئي ته عدالت ان آرٽيڪل جي تحت پنهنجا اصل اختيارن تحت ڪارروائي ڪري. سپريم ڪورٽ جو چوڻ هو ته درخواستگذار کي شڪ آهي بچاءَ واري وزارت سندس شڪايت تي غور نه ڪندي، ڇو ته جوابدار پاڪ فوج ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر رهيو آهي، جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل پاڪستان خاطري ڪرائي هئي ته شڪايت تي مناسب غور ڪيو ويندو، انڪري درخواستگذار جو شڪ غلط آهي

ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس امين الدين تي ٻڌل بينچ ڪئي هئي، انهي بينچ فيض حميد خلاف جاچ جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد پاڪستاني فوج اپريل 2024ع ۾ جاچ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي هئي، عدالت درخواستگذار کي وزارت دفاع سوڌو لاڳاپيل ادارن سان رابطي جي هدايت به ڪئي هئي.

 

Leave A Comment