انساني اسمگلنگ جو الزام: عدالت صارم برني جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

جُون 8, 2024

ڪراچي جي عدالت انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، صارم برني جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 10 جون تي هلائڻ جو فيصلو، ايف آءِ اي پاران ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي صارم برني کي جڊيشل ماجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته افشين نالي عورت پنهنجي ڌيءَ حيا کي مديحه نالي عورت کي وڪرو ڪيو، مديحه ٻارڙي بشريٰ نالي هڪ ٻي عورت کي وڪرو ڪئي، فيملي ڪورٽ ۾ صارم برني ٽرسٽ ٻارڙيءَ کي لاوارث قرار ڏنو، جاچ آفيسر چيو ته 20 کان وڌيڪ متاثرين جي نشاندهي ڪرڻي آهي پر جوابدار تعاون نه پيو ڪري، عدالت ايف آءِ اي جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ٻارڙي حيا کي هنج وٺندڙ ڪيترا پئسا ادا ڪيا؟ وڪيل چيو ته جنهن ٻارڙيءَ کي هنج ورتو ان 3 هزار ڊالرز ڏنا، ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته ننڍڙين ٻارڙين جو معاملو آهي، ان ڪيمرا ٽرائل هلايو وڃي، هن ۾ منظم گروهه ملوث آهي، جوابدار جو وڌيڪ هڪ هفتي جو رمانڊ ڏنو وڃي، صارم برني جي وڪيل چيو ته فيملي جو چوڻ آهي ته ٻارڙي اسان پاڻ ڏني آهي، ايف آءِ اي اڍائي مهينن کان انڪوائري ڪري رهي آهي، جنهن عورت جي ٻارڙي هئي ان کي ايف آءِ اي وارا بليڪ ميل ڪري رهيا هئا، عدالت صارم برني کان سوال ڪيو ته جڏهن توهان کي خبر هئي ته ٻارڙيءَ جا والدين زنده آهن ته پوءِ توهان ڪوڙ ڇو ڳالهايو؟ صارم برني چيو ته مون کي خبر نه هئي، عدالت حيرت ظاهر ڪندي چيو ته توهان اداري جا سربراهه آهيو توهان کي ڪيئن خبر نه هئي، عدالت ايف آءِ اي جي درخواست رد ڪندي صارم برني کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

Leave A Comment