حيدرآباد سلينڊر ڌماڪي جا وڌيڪ 4 زخمي زندگي جي جنگ هارائي ويا، انگ 23 ٿي ويو
جُون 6, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ ٿيل سيلينڊر ڌماڪي جا وڌيڪ 4 زخمي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 23 ٿي ويو آهي. پڃاري پوليس جو چوڻ آهي ته پريٽ آباد جي زچه خانه چوڪ جي رهواسي 65 ورهين جي الطاف پٽ جلال الدين راجپوت ۽ ڄاڻايل ئي علائقي سان تعلق رکندڙ 15 سالن جي حسنين احمد پٽ شاهد احمد قاضي جا مڙهه ڪراچي مان حيدرآباد منتقل ڪيا ويا هئا،، ٻالڪ حرم قريشي ۽ نينگري ماه به فوت ٿي وئي. جنهن بعد وارثن جنازي نماز کانپوءِ سندن مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي. گذريل ڏينهن ڄاڻايل واقعي ۾ زخمي ٿيلن مان 5 ڄڻن ڪراچي جي اسپتالن ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو. ان کان اڳ 14 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. 30 مئي 2024ع تي سيلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿيل اڪرم آرائين نالي شخص جي ايل پي جي گئس سيلينڊر واري دڪان ۾ ڌماڪو ٿيو هو. واقعي ۾ 64 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا هئا، جن مان 21 ڄڻا معمولي زخمي هئڻ سبب ملم پٽي بعد فارغ ڪيا ويا هئا. جڏهن ته 23 ڄڻن اسپتالن ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي. مقامي ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن جو چوڻ هو ته 10 ڄڻا اڃا به ڪراچي جي پٽيل ۽ جناح اسپتال ۾ زير علاج آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پڃاري پوليس واقعي جو ڪيس پهرين جون تي ايل پي جي گئس سيلينڊر جو پلانٽ هلائيندڙ اڪرم پٽ منشي عرف ڀٽي آرائين سميت 3 ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو. ڪيس ۾ دڪان مالڪ بابو الدين قريشي ۽ سندس پٽ علي قريشي کي به نامزد ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار اڪرم آرائين فوت ٿي چڪو آهي پر پڃاري پوليس اڃا تائين دڪان مالڪ توڙي سندس پٽ کي به گرفتار ناهي ڪري سگهي.