حيدرآباد سلينڊر ڌماڪن ۾ زخمي ٿيل ٻارڙي سميت وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ 26 ٿي ويو

جُون 7, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد سلينڊر ڌماڪن ۾ زخمي ٿيل ٻارڙي سميت وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ 26 ٿي ويو . ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 7 سالن جي ٻارڙي ڪنزه ڌيءُ ذيشان قاضي، محمد اشرف ۽ 14 ورهين جي اجمل اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو. هڪ ڏينهن اڳ به ڄاڻايل واقعي ۾ زخمين مان 4 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي اسپتالن ۾ فوت ٿيا هئا جن ۾ حرم قريشي، ماهنور شاهه، الطاف راجپوت ۽ حسنين قاضي شامل آهن. ٻئي طرف حيسڪو پاران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي گذريل ڏينهن فوت ٿيل الطاف راجپوت جي تڏي تي ويٺل سندس وارث ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ناصر حسين قريشي تي مڇرجي پيا جن تڏي تي کيس حيسڪو ناانصافين جو ازالو نه ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪندي ڄاڻايو ته سندن گهرن ۾ قيامت برپا ٿيل آهي ڇاڪاڻ ته 26 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد سندن والدين صدمي ۾ بي حال آهن پر حيسڪو عملدار ڦٽن تي مرحم رکڻ بدران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري لوڻ ٻرڪڻ جي ڪوشش پيا ڪن. علائقي واسين موجب ته پريٽ آباد، نوراني بستي، زچه خانه ۽ ٻين علائقن ۾ روزانو 8 کان 10 ڪلاڪ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته صدمي ۾ بي حال پيرسن عورتون، بزرگ توڙي ٻارڙا به سخت گرمي سبب گيسٽرو ۽ ڊائريا جو شڪار ٿي ويا آهن. ايم پي اي علائقي واسين پاران احتجاج ڪرڻ تي حيسڪو سب ڊويزن پريٽ آباد ۽ ڦليلي جي عملي کي فون ڪري کين لوڊشيڊنگ پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر تنهن باوجود ڄاڻايل علائقن ۾ لوڊشيڊنگ وارو سلسلو جاري هو.

حيدرآباد کانپوءِ ڀٽ شاهه ۾ سلينڊر ڌماڪو: دڪان کي باهه لڳي وئي، 7 ڄڻا سڙي زخمي

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ موري اسٽاپ وٽ گيس سلينڊر جي دڪان ۾ ڌماڪي سان سلينڊرن کي باھ لڳي وئي، باھ پوري دڪان کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن سبب 7 ڄڻا سڙي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي ڀٽ شاھ جي صحت مرڪز پهچايو ويو، زخمين ۾ دڪان مالڪ نادر علي گهلو، عابد علي، دلبر لاکو، صالح، وحيد شاھ ۽ الله بخش شامل آهن، زخمين کي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتي ٽن زخمين الله بخش، محمد صالح ۽ دلبر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي،  جڏھن ته پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي ۽ ڀرپاسي موجود گھر ۽ دڪان فوري طور تي خالي ڪرائي روڊ به آمد رفت لاءِ  بند ڪيو ويو،  اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ، ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر علي شاهه سميت ٻيا عملدار به واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ زخمين بابت ڄاڻ ورتي. ٻي طرف ڀٽ شاھ سلينڊر واقعي جو ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر علي شاهه نوٽيس وٺندي ڀٽ شاھ ٿاڻي جي ايس ايچ او حبيب الله سوھو کي فوري طور تي سسپينڊ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ پوليس عملدارن کي شهر اندر سلينڊر دڪان بند ڪرائڻ ۽ انهن جي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي جون ھدايتون جاري ڪيون ويون، جنهن بعد ڀٽ شاهه ۾ وڌيڪ ٻن غير قانوني دڪانن کي بند ڪرايو ويو آهي، جيڪي بنا ڪنهن اجازت جي هلندڙ هئا، ٻي پاسي ڊي آءِ  جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو به نوٽيس وٺندي ايس ايس پي مٽياري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڀٽ شاهه ۾ فائربرگيڊ گاڏي ئي نه ! شهرين پاڻ باهه وسائي

ڀٽ شاھ: اکين ڏٺن شاهدن موجب هڪ سلينڊر کان ٻي سلينڊر ۾ گيس ڀريندي ڌماڪو ٿيو ۽ باهه لڳي وئي،  ڀٽ شاھ ۾ فائر برگيڊ جي گاڏي نه هئڻ ڪري هالا مان طلب ڪئي وئي، پر  اها به خراب هجڻ ڪري سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊو آدم مان دير سان فائر برگيڊ جي گاڏي پهتي، ان کان اڳ ۾ علائقي جي ماڻهن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي وئي.

Leave A Comment