حيدرآباد ۾ گئس سلينڊرز جي دڪان اندر ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ٻارن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو
مَي 31, 2024
حيدرآباد ۾ گئس سلينڊرز جي دڪان اندر ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ٻارن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، زخمين مان اڄ وڌيڪ 2 ٻارڙن سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ دم ڏنو، فوتي ٻارڙن ۾ 4 سالن جو علي رضا پٽ بلال ۽ 10 سالن جو آيان پٽ جاويد شامل، گذريل رات اسپتال ۾ دم ڏيندڙن ۾ 10 سالن جو آذان پٽ شاڪر، 6 سالن جو حسنين پٽ راشد، 15 سالن جو بلال پٽ عاشق ۽ 10 سالن جو رحيم پٽ فهيم شامل، سول اسپتال حيدرآباد مان اڄ وڌيڪ 4 زخمين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو، 50 زخمين مان ڪراچي منتقل ڪيل زخمين جو انگ وڌي 28 ٿي ويو، گذريل ڏينهن حيدرآباد جي نوراني بستي ۾ سلينڊرز جي دڪان ۾ ڌماڪي کانپوءِ ڀڙڪيل باهه دوڪان مٿان قائم گهرن کي به لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، سلينڊرز جي ڌماڪن ۽ باهه ڀڙڪڻ سبب معصوم ٻارن سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، زخمين جو حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اسپتالن ۾ علاج هلندڙ، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو