حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ويم دوران ماءُ ۽ ٻار فوت، وارثن جو احتجاج، ڊاڪٽرز تي لاپرواهي جو الزام
مَي 30, 2024
حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ويم دوران ماءُ ۽ ٻار فوت، وارثن جو احتجاج، ڊاڪٽرز تي لاپرواهي جو الزام، پوليس ۽ سول اسپتال جي انتظاميا پهچي متاثر ماڻهن سان ڳالهيون ڪرڻ بعد احتجاج ختم ڪرايو ، ڳوٺ بهادر چانڊيو واسي غلام مصطفيٰ چانڊيو پنج ڏينهن اڳ زال سڪينا کي ويم لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، وارثن جو چوڻ آهي ته سول اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽرز ۽ عملي جي لاپرواهي سبب ماءُ ۽ ٻار فوت ٿيا، تحرڪ ورتو وڃي