حيدرآباد، ميرپور خاص، بدين، بينظير آباد سميت مختلف شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي سئو سيڪڙو غير محفوظ قرار
سيپٽمبر 6, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گلگت، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ پيئڻ جو پاڻي 100 سيڪڙو غير محفوظ آهي. پاڻي واري وزارت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. ان دوران قومي صحت واري وزارت نيڪوٽين پاوچز کي انتهائي نشه آور صحت لاءِ نقصانڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آبي وسيلن واري وزارت پاران قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيل موجب ملتان ۾ 94 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 93 سيڪڙو ۽ بدين ۾ 92 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي گندو آهي. بهاولپور ۾ 76 سيڪڙو، سرگوڌا ۾ 83 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 59 سيڪڙو، شيخوپوره ۾ 60 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي قابل ناهي. ايبٽ آباد ۽ خضدار ۾ 55 سيڪڙو، لورالائي ۽ ڪوئيٽا ۾ 59 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 80 سيڪڙو، سکر ۾ 67 سيڪڙو ۽ مظفر ۾ 70 سيڪڙو پاڻي پيئڻ لاءِ غير محفوظ آهن. آبي وسيلن واري وزارت طرفان لکيل جواب ۾ چيو ويو آهي ته پي سي آر ڊبليو آر باقاعده ملڪ گير واٽر مانيٽرنگ جا نتيجا صوبن کي موڪليندو آهي. 18هين ترميم کانپوءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ معيار کي بهتر بڻائڻ صوبن جي ذميواري آهي. قومي صحت واري وزارت جي قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي نڪوٽين پائوچز جو تجزيو ڪرڻ بعد ان جي استعمال جي سفارش ناهي ڪئي. نيڪوٽين هڪ انتهائي نشي آور وارو مادو آهي. قومي صحت واري وزارت صحت جي مصنوعات جي ضابطن ۽ تمباکو ڪنٽرول تي متعلق ماهرن جو هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪري رهي آهي. لکيل جواب ۾ چيو ويو آهي ته ڪم ڪندڙ گروپ جو مقصد نڪوٽين پائوچز جي ڪنٽرول يا ضابطي لاءِ سفارشون تيار ڪرڻ آهي. قومي صحت واري وزارت ڪنهن به سگريٽ ڪمپني کي نيڪوٽين پاؤچ تيار ڪرڻ يا وڪڻڻ جو لائسنس جاري نه ڪيو آهي. وزارت جو بنيادي اختيار شهرين جي صحت کي تماڪ جي استعمال کان بچائڻ آهي ۽ نڪوٽين پائوچ غير تمباکو جون مصنوعات آهن ۽ وزارت جي ريگيوليٽري طاقتن هيٺ نه اينديون آهن.