حيدرآباد ميونسپل بجيٽ اجلاس ۾ هنگامو، ميمبر وڙهي پيا، عورتن جون هڪٻئي کي چماٽون

آگسٽ 1, 2024

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) بلديا اعليٰ حيدرآباد جو بجيٽ  اجلاس بدنظمي جو شڪار، اپوزيشن ميمبرز جي احتجاج باوجود 5 ارب 65 ڪروڙ 78 لک، 84 هزار 784 رپين جي بجيٽ منظور، حڪومتي ميمبرز 14 قراردادون پاس ڪرائي ويا، اپوزيشن ميمبرز پاران بجيٽ رد ڪندي هلندڙ اجلاس ۾ ڌرڻو هنيو ويو،  رپورٽ موجب حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جو مالي سال 2024ع ۽ 2025ع جي بجيٽ لاءِ مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ اجلاس ميئر ۽ ڪنوينر ڪاشف شورو جي صدارت ۾ شروع ٿيو ته جنهن دوران هن اجلاس جون ايجنڊا پڙهي ٻڌايون جنهن تي اپوزيشن جي ميمبرز پاران هل هنگامو ڪيو ويو پر ميئر ڪجهه ئي منٽن ۾ لڳ ڀڳ 14 قراردادون منظور ڪرائي ورتيون، جنهن بعد سمورن ميمبرز کي بجيٽ ڪاپيون ڏيڻ جو چيو ويو ۽ ميمبرز کي ڪاپيون فراهم ٿيڻ بعد اپوزيشن ميمبرز پاران ڳالهائڻ جي اجازت گهري وئي ڪجهه ميمبرز ڳالهايو ۽ ڪجهه رهجي ويا پر ميئر پاران بجيٽ جا انگ اکر ٻڌائي اتفاق راءِ سان بجيٽ جي منظوري ڪري ورتي، ميئر ڪاشف شوري موجب ته بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 5 ارب 65 ڪروڙ 78 لک 84 هزار 784 رپيا آهي جڏهن ته ملازمن جي پگهارن،  گريجوئٽي، پينشن، اسٽريٽس لائيٽس، سول ڊفينس، ڊزاسٽر مينجمينٽ، تعمير ۽ ترقياتي ڪمن سميت ٻين معاملن جي مد ۾ خرچ جو ڪاٿو 5 ارب 65 ڪروڙ 75 لک 43 هزار 662 رپيا لڳايو ويو آهي ميئر چيو ته انگ اکر پيش ڪرڻ بعد ميمبرز جي اڪثريت اتفاق ڪيو، جنهن بعد هن ايوان مان سالياني بجيٽ جي منظوري ورتي، هوڏانهن اجلاس دوران ڳالهائڻ جو موقعو فراهم نه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي يوسي چيئرمين اظهر شيخ اسٽيج تي پهچي احتجاج ڪيو ته حڪومتي بينچ سان تعلق رکندڙ يوسي چيئرمين بشير لغاري پهچي پي ٽي آءِ جي يوسي چيئرمين اظهر شيخ کي لت هڻي اسٽيج تان هيٺ ڪيرائي ڇڏيو جنهن بعد پي ٽي آءِ ۽ حڪومتي ڌر جا ڪيترائي ميمبر اسٽيج تي پهتا جن هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏئي گٿا لفظ ڳالهائي نعريبازي به ڪئي ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجڻ بعد ميئر ڪاشف شورو ۽ ڊپٽي ميئر صغير قريشي اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز کي احتجاج ختم ڪري ڪرسين تي ويهڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا جنهن بعد ميمبرز احتجاج ختم ڪري وڃي ڪرسين تي ويٺا ان کان پوءِ ٻيهر جيئن ئي اجلاس شروع ٿيو ته اپوزيشن جي ميمبر يوسي چيئرمين آرزو مغل اسٽيج تي پهچي ميئر ڪاشف شورو سامهون ڪجه مسئلن جي نشاندهي ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ هن جذباتي ٿيڻ بعد ميئر جي ٽيبل تي رکيل گل ۽ ٻيو شيون هيٺ ڪيرائي ڇڏيون. پي ٽي آءِ جي يوسي چيئرمين آرزو مغل جي ان عمل ۽ احتجاج تي حڪومتي ڌر جي ميمبر شبانا خان به اسٽيج تي پهچي وئي جنهن آرزو مغل کي اسٽيج تان هيٺ لهڻ لاءِ ڌڪو ڏنو ته آرزو مغل ٻيهر جذباتي ٿي مٿس هٿ کڻدي چماٽون وهائي ڪڍيون ٻنهي عورت ميمبرز ۾ اسٽيج تي ٿيل ڇڪتاڻ ۽ جهيڙي بعد کين هيٺ لاٿو ويو جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي اپوزيشن جي ميمبرز پاران هلندڙ اجلاس ۾ ڌرڻو هڻي حڪومتي ميمبرز خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ هل هنگامي کانپوءِ دير سان شروع ٿيل اجلاس ڪنوينر ۽ ميئر ڪاشف شورو اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ميئر ذاتي مفادن لاءِ فنڊ رکڻ جي ڪوشش ڪئي: مخالف ڌر

حيدرآباد: پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اپوزيشن اڳواڻ مومن خان ۽ قاضي بابو الياس ايچ ايم سي جي اجلاس بابت ڄاڻايو ته بلديا اعليٰ جي اجلاس دوران ميئر بجيٽ توڙي ايجنڊائن ذريعي پنهنجي آفيس ۽ ذاتي مفادن لاءِ فنڊ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن تي انهن احتجاج رڪارڊ پئي ڪرايو ته حڪومتي ميمبرز کين احتجاج ڪرڻ نه ڏنو هنن چيو ته کين بجيٽ جون ڪاپيون فراهم نه ڪيون ويون ۽ نه ئي کين قرادادون منظور ڪرائڻ لاءِ اعتماد ۾ ورتو ويو جنهن ڪري هو سال 2024ع ۽ 2025ع جي بجيٽ کي رد ٿا ڪن ۽ سندن مطالبو آهي ته ميئر ڪاشف شورو استيعفي ڏي.

52 ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو، بلديا جي سيونگ مان ڪم ڪرايا آهن: ميئر جي دعويٰ

حيدرآباد: بلديا اعليٰ جي بجيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي ميئر ڪاشف شورو چيو ته پ پ عوام دوست پارٽي آهي ان لاءِ سندن مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، هن چيو ته کيس منصب مليو ته رڳو 70 ڪروڙ جي لائبلٽيز هئي جنهن ڪري وٽن 2 آپشن هوا ته اڳيون بوج صاف ڪيو وڃي يا عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، ميئر دعوي ڪئي ته هڪ سال دوران انهن 52 ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو ۽ سمورا ڪم بلديا جي سيونگ مان ڪرايا آهن جڏهن ته بلديا جي رٽائرڊ ملازمن کي ميرٽ جي بنياد تي 18 ڪروڙ رپيا رهتون به ادا ڪيون، هن اهو به چيو ته وٽن بلديا جي اڪائونٽ ۾ 69 ڪروڙ رپيا موجود به آهن هلندڙ سال 90 ڪروڙ رپيا ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيا ويندا جڏهن ته بجيٽ ۾ هنن ترقياتي ڪمن لاءِ هڪ ارب 85 ڪروڙ 70 لک رپيا رقم مختص ڪئي آهي.

ايچ ايم سي جو ٻيو اجلاس، اپوزيشن جي احتجاج باوجود بجيٽ منظور

حيدرآباد: ايچ ايم سي جو ٻيو اجلاس ٿيو ڄاڻايل اجلاس به اڳ ۾ ٿيل اجلاس جيئان بلديا آفيس بدران لطيف آباد يونٽ نمبر 7 ۾ قائم مهراڻ آرٽ ڪائونسل ۾ منقعد ڪيو ويو اجلاس جي مک ايجنڊا سالياني بجيٽ هئي ۽ حڪومتي ميمبرز اپوزيشن جي احتجاج باوجود ايچ ايم سي جي بجيٽ سال 2024ع ۽ سال 2025ع منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا بجيٽ اجلاس ۾ ڊپٽي ميئر صغير احمد قريشي، ميونسپل ڪمشنر ظهور احمد لکڻ سميت ٻيا شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سميت پريٽ آباد سانحي ۾ شهيد ٿيلن جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي.

بجيٽ ۾ ڪمرشل دڪان، پارڪنگ ٺاهڻ، ٺيڪن جي نيلامي سميت مختلف قراردادون پاس

حيدرآباد: حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪائونسل اجلاس بابت ميئر جي ترجمان پاران ڄاڻايو آهي ته ايچ ايم سي جو اهم اجلاس ميئر ڪاشف شوري جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 2024ع ۽ 2025ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي. ترجمان موجب خالي پيل پلاٽن تي بلديه آفيس جي تعمير، ڪمرشل دڪان ۽ پارڪنگ ٺاهڻ، لينڊ شعبي جي مرمت ۽ حفاظت، سال 2024ع ۽ 2025ع جي ٺيڪن جي نيلامي، پارڪنگ چارجز ۽ اشتهارن جي رقم گهٽ ڪرڻ جي تجويز، مختلف ٽائونز ڪاميٽين ۾ رستن جي مرمت لاءِ ٽينڊرز طلب ڪرڻ لاءِ پيش قدمي ڪرڻ، سيڪيورٽي گارڊز ڀرتي ڪرڻ جي منظوري سميت  سموريون قراردادون به اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون.

بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 5 ارب 65 ڪروڙ 78 لک رپيا لڳايو ويو

حيدآباد: ميئر ڪاشف شوري موجب ته بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 5 ارب 65 ڪروڙ 78 لک 84 هزار 784 رپيا آهي جڏهن ته ملازمن جي پگهارن، گريجوئٽي، پينشن، اسٽريٽس لائيٽس، سول ڊفينس، ڊزاسٽر مينجمينٽ، تعمير ۽ ترقياتي ڪمن سميت ٻين معاملن جي مد ۾ خرچ جو ڪاٿو 5 ارب 65 ڪروڙ 75 لک 43 هزار 662 رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن سان 3 لک رپين تائين بچت ٿيندي.

Leave A Comment