حيدرآباد بعد رتيديري ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، 5 ڄڻا سڙي زخمي، ٻن جي حالت نازڪ
جُون 10, 2024
لاڙڪاڻو/ رتوديرو (نمائندن وٽان ) رتوديرو شهر جي گوشت مارڪيٽ ڀرسان گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب پنج ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ دڪان مالڪ فرحان جوڻيجو ، وسيم اوڍاڻو ، اويس سومرو ، عزيز سومرو ۽ بلاول نوناري شامل آهن، زخمين کي علائقي واسين علاج لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو پهچايو جتان بعد ۾ زخمين کي لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال اماڻيو ويو ان سلسلي ۾ زخمي دڪان مالڪ فرحان جوڻيجو جي والد بشير احمد ٻڌايو ته منهنجي پٽ جو گئس سلينڊر ڀرڻ جو دڪان آهي ڀرسان ديڳين جي رڌ پچاءَ ڪرڻ جو دڪان به آهي هن چيو ته ان دڪان تي ٻاهران ديڳيون پچي رهيون هيون ٻرندڙ باهه مان چڻنگون اٿيون جيڪي گئس سلينڊر سان لڳڻ سبب اهو ڦاٽي پيو جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي جڏھن ته اکين ڏٺن شاھدن جو چوڻ آھي ته گئس سلينڊر دڪاندار جي غفلت ۽ اوور پريشر سبب ڦاٽو آھي ان حوالي سان تعلقه اسپتال جي انتظاميه جو چوڻ آھي ته سڙي زخمي ٿيل ٻن ڄڻن بلاول نوناري ۽ عزيز سومرو جو جسم 25 سيڪڙو سڙي ويو آھي جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪائنات شيخ چيو ته شھر اندر ايل پي جي گئس وڪرو ڪندڙن جا غير قانوني دڪان کليل آھن جن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ انھن جا دڪان سيل ڪيا ويندا.
حيدرآباد سلينڊرز ڌماڪن ۾ سڙي زخمي ٿيل هڪ وڌيڪ ٻارڙو فوت، انگ وڌي 27 ٿي ويو
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ گئس سيلينڊر سبب لڳل باهه جي نتيجي ۾ سڙي زخمي ٿيل 5 سالن جو ٻالڪ ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. سڙي زخمي ٿيل وارث ولد بلال پٽيل اسپتال ڪراچي ۾ داخل هو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. نينگر جو مڙهه حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتي سندس جنازي نماز بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. نينگر جي فوت ٿيڻ سان گئس سيلينڊر سانحي ۾ فوتين جو انگ وڌي 27 ٿي ويو آهي. نينگر جو مڙهه پريٽ آباد واري علائقي ۾ پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ظفر احمد صديقي، ايم پي اي ناصر قريشي ۽ ٻين سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته حيدرآباد جي سول اسپتال جي برنس وارڊ کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن اهڙن اوچتن واقعن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جو بروقت علاج ڪرائي سندن زندگيون بچائي سگهجن. سانحي ۾ زخمي ٿيندڙ 13 ڄڻا اڃا تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.