حيدرآباد ۾ غربت کان تنگ ماءُ نوجوان ڌيءُ کي ماري پاڻ به آپگھات ڪري ڇڏيو
سيپٽمبر 14, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) ”هاءِ ڙي غربت…..!!“ حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ ماءُ غربت کان تنگ ٿي پنهنجي نوجوان ڌيءُ کي گهٽو ڏئي ماري ڇڏيو ۽ پاڻ به آپگهات ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. نارا جيل ڀرسان سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ قائم جمالي ڪالوني جي رهواسڻ 45 سالن جي بختاور برهماڻي غربت کان تنگ ٿي پنهنجي 18 سالن جي نوجوان ڌيءُ صبا نور برهماڻي کي نشي واري شيءَ کارائي بيهوش ڪيو ۽ بعد ۾ کيس رسي سان گهٽو ڏئي ماري ڇڏيو. ڌيءُ جي ساهه پرواز ڪرڻ کانپوءِ بختاور برهماڻي به لوهي دريءَ جي هُڪ ۾ رسي ٽنگي آپگهات ڪيو. اهو واقعو خميس ۽ جمع جي وچ واري رات پيش آيو. واقعي جو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن عورت جا پٽ فيڪٽرين مان نوڪري ڪري واپس گهر پهتا ته سندن گهر اندران بند هو ۽ کڙڪائڻ تي به در نه کليو جنهن تي انهن پاڙي وارن جي مدد سان دروازو ٽوڙيو ۽ اندر داخل ٿيا ته پنهنجي ڀيڻ جو لاش پٽ تي پيل ۽ ماءُ جو لاش ٽنگيل حالت ۾ ڏسي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. پاڙي وارن سائيٽ پوليس کي اطلاع ڪيو. سائيٽ ٿاڻي جو ڊي ايس پي مختيار ميمڻ ۽ ايس ايڇ او عمران رشيد پوليس ٽيم سان پهچي ابتدائي طور لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيا ۽ آپگهات ڪندڙ عورت جي ٽن پٽن مرتضيٰ، علي رضا ۽ شهزاد کي به تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي متنقل ڪري ڇڏيو جن کي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪيو ويو. سائيٽ جي علائقي جمالي ڪالوني ۾ نوجوان ڌيءُ کي ماري پاڻ آپگهات ڪندڙ عورت بختاور برهماڻي واري واقعي بابت حيدرآباد پوليس ڊاڪٽرن جي راءِ سان گڏ ابتدائي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 45 سالن جي عورت بختاور برهماڻي پنهنجي ڌيءُ 18 سالن جي صبا کي نشو ڏنو ۽ جڏهن هو بيهوش ٿي وئي ته ان جا هٿ پير ٻڌي کيس رسي سان گهٽي ماري ڇڏيو ۽ پاڻي ڏاڪڻ جي مدد سان ڳلي ۾ ڦاهو وجهي خودڪشي ڪئي. پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بختاور ذهني مريض هئي. سندس مڙس کيس ٻارن سميت ڇڏي ويو هو. هو ٽن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ سان گڏ رهندڙ هئي. هن جا ٻار غربت ۽ بدحالي جا شڪار آهن ۽ ننڍڙي ڪمري ۾ رهائش پذير هئا. فوتي جي پٽن جي عمر 16 کان 22 سالن جي وچ ۾ آهي ۽ روزانو جي بنياد تي مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا هئا. سندن غربت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن گهر ۾ هو رهائش پذير آهن اهو ايترو ته ننڍڙو آهي جو ان ۾ رڳو ماءُ ڌيءُ سمهي سگهندا هئا. ٽئي پٽ ڪمري کان ٻاهر سمهندا هئا. ماءُ اڳ ۾ به خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي پر ناڪام ٿي. هوڏانهن ميڊيڪو ليگل شعبي پاران عورت ۽ سندس ڌيءُ جا جزا وٺي ليبارٽرين کي موڪليا ويا آهن ته جيئن موت جي اصل ڪارڻ جو پتو پئجي سگهي.
بختاور 10 سال اڳ به خودڪشي ڪوشش ڪئي، هن ڪراچي ۾ ٻارن سميت زهر پيتو هو: پوليس
حيدرآباد: پوليس مطابق عورت جو مڙس قاسم کيس 10 سال اڳ ٻارن سميت ڇڏي ويو هو ۽ بعد ۾ هن کيس طلاق به ڏئي ڇڏي هئي. آپگهات ڪندڙ عورت بختاور پنهنجي ٽن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ سان گڏ سائيٽ جي جمالي ڪالوني ۾ هڪ ڪمري واري ڪرائي جي گهر ۾ رهندڙ هئي ۽ غربت سبب ذهني طور به سخت پريشان هوندي هئي. هن 2013ع ۾ عبدالله شاهه غازي جي ڪراچي واري درگاهه جي آسپاس به پنهنجي ٻارن کي شربت ۾ زهر ملائي کين مارڻ ۽ پاڻ شربت پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان زهر اثر نه ڪيو جنهن سبب سندن زندگيون بچي ويون هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته پنهنجي ڌيءُ کي ماري خودڪشي ڪندڙ مسمات بختاور پنهنجي شناختي ڪارڊ ۾ مڙس کي مرحوم ظاهر ڪيو هو جڏهن ته عورت جو اڳوڻو مڙس قاسم دادو جو رهندڙ آهي.
غربت جو عالم: جنهن گھر مان لاش مليا اتي اٽي لپ به نه هئي!
حيدرآباد: جمالي ڪالوني ۾ خودڪشي ڪندڙ عورت جي حوالي سان چيو پيووڃي ته جنهن گهر مان عورت بختاور ۽ سندس نوجوان جي ڌيءُ صبا نور جا لاش مليا آهن، ان گهر ۾ غربت جو عالم اهو هو جو اٽي جي لپ به موجود نه هئي.پوليس مطابق آپگهات ڪندڙ عورت جي گهر وارو ڪمرو انتهائي سوڙهو آهي جتي ڌيءُ ۽ ماءُ گڏجي سمهنديون هيون ۽ سندس پٽ ڪمري کان ٻاهر واري حصي ۾ سمهندا هئا. ان ئي هڪ ڪمري ۾ واش روم ۽ ڪچن به ٺهيل آهي. پوليس جي معائني دوران غربت واري ان گهر ۾ صرف هڪ رلي وڇايل هئي جڏهن ته ڪو بسترو وغيره به ڪمري ۾ پيل نه هو. لاش پوسٽ مارٽم بعد عورت جي پٽن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته سائيٽ پوليس وارثن کي ڪفن دفن جا پئسا به ادا ڪيا ته جيئن هو ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگين. عورت جا پٽ شيشو ٺاهيندڙ مختلف ڪمپنين ۾ مزدوري ڪندڙ آهن. واقعي سبب جمالي ڪالوني ۽ سائيٽ ايريا ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته آپگهات ڪندڙ عورت ۽ سندس ڌيءُ کي چادريون پاتل هيون ۽ سندن چهري تي ماسڪ به لڳل هو.