حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ شھيد بشير خان قريشي کي مبينا زھر ڏئي مارڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي

سيپٽمبر 20, 2024

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ شهيد بشير خان قريشي کي مبينا طور زهر ڏئي مارڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي پنهنجي وڪيل يوسف لغاري سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، جسٽس ذوالفقار علي سانگي جي عدالت آڏو ٻڌڻي دوران وڪيل يوسف لغاري موقف اختيار ڪيو ته بشير خان قريشي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سندس جسم مان فاسفورس جا جزا هٿ آيا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته کيس زهر ڏئي ماريو ويو، تنهن ڪري قتل جو ڪيس ان وقت جي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ۽ ٻين تي داخل ڪيو وڃي

وڪيل استدعا ڪندي چيو ته ڪيس جو فريادي به شهيد ٿي چڪو آهي، عدالت خاندان جي ڪنهن ٻئي فرد کي فريادي ٿيڻ جي اجازت ڏئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي بابا کي سنڌ سان محبت جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو، مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي به قتل ڪيو ويو، اميد آهي ته اسان کي هڪ ڏينهن انصاف ضرور ملندو

Leave A Comment