حيدرآباد سانحو: نينگر سميت وڌيڪ 4 زخمي فوت، ايل پي جي جا 90 دڪان سيل
جُون 4, 2024
حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ 5 ڏينهن اڳ ٿيل سيلينڊر ڌماڪي دوران سڙي زخمي ٿيل 4 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 18 ٿي ويو، فوت ٿيلن ۾ 47 سالن جو اڪرم پٽ منشي عرف ڀٽي آرائين، 40 ورهين جو رئيس الدين پٽ عليم الدين قاضي، محمد اڪرم پٽ قربان شاهه ۽ 4 سالن جو علي رضا پٽ بلال قاضي شامل آهن، فوتين جا مڙهه پريٽ آباد، نوراني بستي ۽ فقير جو پڙ منتقل ڪري ڌار ڌار جنازي نماز کانپوءِ سندن مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. چئني ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ناصر حسين قريشي تصديق ڪندي چيو ته اڃا به ڪراچي جي اسپتالن ۾ داخل زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت انتهائي خراب آهي. واضح رهي ته 10 ڄڻا ان واقعي ۾ اڳ ئي فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 40 سالن جو ٽيڪسي ڊرائيور فيضان پٽ اسحاق، 12 ورهين جو عبدالهادي پٽ اصغر، 10 ورهين جو آيان علي پٽ جاويد، 10 ورهين جو آذان پٽ شاڪر، 12ورهين جو آذان پٽ رئيس، 6 سالن جو حسنين پٽ راشد، 10ورهين جو رحيم پٽ فهيم، 15ورهين جو بلال پٽ عمران عرف عاشق، علي رضا پٽ ذيشان ۽ 35 ورهين جو ذوالفقار پٽ محمد عمر سولنگي شامل آهن. پوليس ان واقعي جو ڪيس ايل پي جي گئس سيلينڊر جو پلانٽ هلائيندڙ اڪرم پٽ منشي عرف ڀٽي آرائين سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو هو، جوابدار ڌماڪي دوران سڙي زخمي ٿيو هو جيڪو فوت ٿي ويو، ڪيس ۾ نامزد دڪان جو مالڪ بابو الدين قريشي ۽ سندس پٽ علي قريشي کي پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي، هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ چيو ته ايل پي جي گئس سيلينڊر جا 93 دڪان سيل ڪري ڇڏيا آهن، ڊي سي حڪم ڏنو ته سيل ڪيل فلنگ اسٽيشننز جي ٻيهر انسپيڪشن ڪئي ويندي ان لاءِ انتظاميا جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به ايل پي جي گئس سيلينڊر دڪان جي سيل نه کولي وڃي
نوراني بستي ۾ روزانو مڙهه پهچڻ تي سوڳ واري صورتحال
حيدرآباد: نوراني بستي ۾ 5 ڏينهن اڳ ٿيل سيلينڊر ڌماڪي ۾ سڙي زخمي ٿيلن جا روزانو مڙهه پهچڻ تي علائقي ۾ اڃا تائين سوڳ واري صورتحال آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته پريٽ آباد، نوراني بستي، زچه خانه سميت ٻين علائقن ۾ رڳو هو ايمبولنس جو سائرن ٻڌون ٿا ته لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ سمجهيو وڃون ته ضرور ڌماڪي ۾ سڙي زخمي ٿيل ڪنهن ٻار، عورت يا نوجوان جو مڙهه آيو هوندو. علائقي واسين اهو به ٻڌايو ته روزانو ميتن جي جنازي نماز ادا ڪئي پئي وڃي ان ڪري 50 کان 100 ماڻهو يا ته پنهنجي پيارن جو تڏو وڇائي ويٺل آهن يا وري هو گهٽين ۾ ئي موجود هجن ٿا
ميئر حيدرآباد ڪراچي اسپتال پهچي زخمين سان عيادت ڪئي
حيدرآباد: ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو پريٽ آباد سانحي ۾ زخمين جي عيادت لاءِ ڪراچي اسپتال پهتو، ميئر حيدرآباد متاثر مريضن جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي هن سول اسپتال ڪراچي پاران مريضن کي فراهم ٿيندڙ علاج جي بريفنگ پڻ ورتي. ميئر حيدرآباد سان گڏ ميئر نوابشاهه قاضي عبدالرشيد، اڳوڻو ايم پي اي عبدالجبار خان، نيرون ڪوٽ ٽائون جو چيئرمين منٺار جتوئي، پ پ اڳواڻ فريد قريشي ۽ پ پ يوٿ حيدرآباد جي صدر سيد علي حيدر شاهه به ساڻس گڏ هئا
سيلينڊر ڌماڪي کانپوءِ وارا فٽيج منظر عام تي اچي ويا
حيدرآباد: پريٽ آباد جي علائقي زچه خانه ۽ نوراني بستي جي وچ واري چوڪ تي قائم اڪرم آرائين جي دڪان ۾ سيلينڊر ڌماڪي کانپوءِ وارا فٽيج به منظر عام تي اچي ويا. فٽيجز ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته گئس سيلينڊر جي دڪان کي باهه لڳل آهي. باهه واقعي جا سڙي زخمي ٿيل ٻارڙا ڪيهاٽ ڪري روئيندا پنهنجي گهرن ڏانهن ڊوڙندي نظر اچن ٿا جن کي سڙيل ڏسي علائقي واسي به مدد لاءِ رستي تي ئي دانهون ڪندي نظر ۾ پيا اچن، علائقي واسين موجب، سندن علائقي ۾ فائربرگيڊ آفيس قائم ٿيل هئي جتي هڪ يا 2 گاڏي ۽ عملو موجود هوندو هو پر ڪجهه عرصو اڳ خبر ناهي ڇو ڄاڻايل آفيس بند ڪئي وئي، پوليس کي به اطلاع ڏنو پر مدد لاءِ به نه پهتي، ريسڪيو عملو ۽ ضلعي جا اعليٰ عملدار 2 ڪلاڪ دير سان پهتا