حيدرآباد سانحو: وڌيڪ 2 زخمي فوت، انگ 12 ٿي ويو، ڪيس داخل، غيرقانوني گئس سپلاءِ تي پابندي جو فيصلو

جُون 3, 2024

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد سانحو: وڌيڪ 2 زخمي فوت، انگ 12 ٿي ويو، ڪيس داخل، غيرقانوني گئس سپلاءِ تي پابندي جو فيصلو ، ان ڏس ۾    حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ گئس سيلينڊر ڦاٽڻ سبب لڳل باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ماڻهن مان هڪ وڌيڪ زخمي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فوت ٿيل زخمي 40 سالن جو فيضان اسحاق ولد اشرف آفندي ٽائون جو رهواسي ۽ ٽيڪسي ڊرائيور ٻڌايو پيو وڃي. گئس سيلينڊر واري سانحي ۾ فوتين جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي. فوت ٿيل فيضان اسحاق جو مڙهه حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ سندس جنازي نماز آفندي ٽائون ۾ ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۽ تدفين جي رسمن ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سميت شهر جي مختلف علائقن مان ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ داخل ڪجهه زخمين جي حالت اڃا به نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.  ٻي طرف پڃاري ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس دڪان جي مالڪ پيءُ، پٽ ۽ ايل پي جي گئس جو پلانٽ لڳائيندڙ شخص خلاف داخل ڪيو ويو آهي.  پڃاري پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر لياقت ڪنڀر جي فرياد تي پريٽ آباد ۾ دڪان جي مالڪ پيءُ پٽ ۽ ايل پي جي گئس جو پلانٽ لڳائيندڙ اڪرم آرائين خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پريٽ آباد زچه خانه ڀرسان اڪرم آرائين جي ايل پي جي گئس سيلينڊرن جي دڪان کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ مسمات ياسمين زال محمد شاڪر، محمد جميل ولد رحيم بخش، محمد صالح عبدالستار، پروين زال عبدالحميد، محمد حسين ولد امير الدين، فضيلت ڌيءُ عمران، زهرا نور ڌيءُ عمران، سليم ولد قادر، اعجاز ملڪ، قمر ولد محمد عظيم، جواد، ذوالفقار، بخش علي، سجاد احمد، وڪيل حسين، شڪيل آرائين، سيد سميع، حاجرا سليمان، فيضان جمشيد، اظهار الحسن، اشرف ولد محمد حسين، عمير ولد محمد ارشد، وارث علي ولد بلال، بلال، امان ولد محمد شاهد، ماهنور ڌيءُ حبيب، عاليا ڌيءُ فاروق، عبدالهادي ولد اصغر، ذوالفقار ولد محمد عمر، محمد اڪرم شاهه ولد قربان شاهه، حسين ولد راشد، رئيس الدين ولد عليم الدين، علي رضا ولد ذيشان، اڪرم ولد وسيم، ذيشان، عباس، دودو ولد مهراڻ، رحيم ولد محمد فهيم، فيضان ولد اسحاق، محمد بلال، آذان علي ولد رئيس، الطاف ولد جلال الدين، حسنين ولد شاهد قاضي، عليشا ڌيءُ ذيشان، اجمل علي ولد محمد علي، محمد حسين ولد شاهد شيخ، محمد رضا ولد ممتاز احمد آرائين، آيان احمد ولد جاويد، ڪنزا ڌيءُ ذيشان، ارسلان ولد عبدالحميد، محمد صابر ولد عبدالستار، مسمات رحمت زال رشيد احمد قريشي، وارث علي، جبران، محمد رضا، ثناءَ ۽ آذان ولد شاڪر زخمي ٿي پيا. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گئس سيلينڊر واقعي ۾ زخمي ٿيلن مان مختلف وقتن تي 9 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 4 سالن جو علي رضا، هڪ سال جو آيان، 10 سالن جو آذان، 6 سالن جو حسنين، 12 سالن جو آذان ولد رئيس، 15 سالن جو بلال ولد عمران عرف عاشق، 10 سالن جو رحيم ولد فهيم، 12 سالن جو عبدالهادي ولد محمد اصغر ۽ 35 سالن جو ذوالفقار علي ولد محمد عمر سولنگي شامل آهن. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته واقعي کانپوءِ زخمين ۽ فوتين جي وارثن سان رابطو ڪري کين ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن مان ڪنهن به ايف آءِ آر لاءِ رابطو نه ڪيو. ايف آءِ آر مطابق دڪان جي مالڪ بابو الدين ولد ياسين قريشي ويٺل گهر نمبر 52 مير نبي بخش ٽائون زچه خانه پريٽ آباد ۽ هن جي پٽ علي ولد بابو الدين گڏجي اڪرم ولد منشي آرائين کي ڳتيل آبادي واري رهائشي علائقي ۾ دڪان ڪرائي تي ڏنو ۽ اڪرم بنا ڪنهن اجازت جي ايل پي جي گئس سيلينڊرن جو دڪان کوليو. دڪان کي ڪرائي تي ڏيڻ بابت معاهدي جي ڪا به داخلا پڃاري ٿاڻي تي نه ڪرائي وئي جنهن سبب عارضي رهائشي آرڊيننس 2015ع ۽ ٻين قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. جوابدار اڪرم آرائين ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ ايل پي جي گئس سيلينڊرن جو دڪان بنا ڪنهن پرميشن جي کولي بغير ڪنهن احتياطي تدبير جي غفلت ۽ لاپرواهي جو مظاهرو جنهن سبب دڪان ۾ رکيل ڪيترن ئي گئس سيلينڊرن کي باهه لڳي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ اهو واقعو پيش آيو. ان واقعي سبب معصوم انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪافي تعداد ۾ ماڻهو سڙي زخمي ٿيا ۽ ويجهن عمارتن کي نقصان پهتو جيڪو دڪان جي مالڪ بابو الدين ولد ياسين قريشي ۽ ان جي پٽ علي جي ڪو قانوني تقاضا پورو نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٿيو. اڪرم آرائين سان انهن جوابدارن گڏجي غفلت، غلطي ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ان ڪري واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ٿو وڃي. واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.هوڏانهن  حيدرآباد ۾ ايل پي جي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايل پي جي فراهم ڪندڙ دڪانن کي اين او سي کانپوءِ شهر جي ڳتيل آبادين مان ٻاهر ڪڍڻ جي رٿا به تيار ڪئي وئي آهي. ضلعي انتظاميا ايل پي جي جا 90 دڪان سيل ڪري ڇڏيا آهن. 4 دڪانن کي اين او سي هجڻ جي ڪري في الحال گئس سپلائي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جو چوڻ آهي ته سي اين جي توڙي ايل اين جي فراهم ڪندڙ اسٽيشنن ۽ ايل پي جي فراهم ڪندڙ دڪانن ۽ اسٽيشنن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سول ڊفينس، ايڪسپلوزوِ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي کي ذميواريون ڏنيون پيون وڃن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز انهن اسٽيشنن ۽ دڪانن جي انسپيڪشن ڪرڻ لاءِ پابند رهندا. ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي ڊي سي حيدرآباد انڪشاف ڪيو ته پريٽ آباد ۾ جنهن دڪان تي گئس سيلينڊر ڌماڪو ٿيو آهي ان کي ڪا به اين او سي جاري ٿيل نه هئي ۽ اهو دڪان غير قانوني طور تي قائم ڪيو ويو هو. هن چيو ته جن دڪانن يا ايجنسين کي اين او سي مليل آهي اهي دڪان به ڳتيل آبادي ۾ قائم ڪري نه سگهبا. هن ٻڌايو ته ايل پي جي تي هلندڙ ٽرانسپورٽ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي ۽  اڄ کان اهڙي ٽرانسپورٽ خلاف اثرائتي مهم شروع ڪئي ويندي جنهن لاءِ آر ٽي اي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي پابند بڻايو ويو آهي ته هو صبح کان اها مهم شروع ڪن جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر منجهند تائين پوليو مهم ۾ مصروف هجڻ کانپوءِ ٻنپهرن بعد ان مهم جو حصو بڻجندا. ڊي سي واضح ڪيو ته ايل پي جي، جي فراهمي وارن دڪانن کي ڪنهن به صورت ۾ ڳتيل آبادي ۾ برداشت نه ڪبو.

سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10 لک معاوضي جو اعلان

حيدرآباد: ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو زچه خانه سانحي پريٽ آباد ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي وارثن سان فاتح خواني ۽ تعزيت ڪرڻ لاءِ پريٽ آباد پهتو. ان موقعي تي هن وارثن سان گهري ڏک جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10 لک ۽ زخمين کي 5 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پريٽ آباد کانپوءِ ميئر حيدرآباد گئس سيلينڊر ڌماڪي ۾ متاثر مريضن جي عيادت لاءِ برنس وارڊ سول اسپتال پهتو جتي برنس وارڊ انتظاميا پاران مريضن جي ڪيل علاج جي نگراني ڪئي. ان موقعي تي ميئر حيدرآباد سان گڏ ميئر نوابشاهه قاضي عبدالرشيد، چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن نيرون ڪوٽ منٺار جتوئي ۽ پي ايس 65 جي پ پ اميدوار فريد قريشي ۽ ميونسپل ڪمشنر ايڇ ايم سي ظهور احمد لکڻ به ساڻس گڏ هئا.

سانحي بعد انتظاميا جاڳي پئي، 97 دڪان سيل، گئس جو بحران

حيدرآباد/مٽياري/کيبر: سانحي بعد انتظاميا جاڳي پئي، 97 دڪان سيل، گئس جو بحران، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري يوسف شيخ پاران مٽياري ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري غير قانوني طور هلندڙ گئس سلينڊر جا 7 دڪان سيل ڪري ڇڏيا،   حيدرآباد ۾ پريٽ آباد سانحي کانپوءِ ضلعي انتظاميا پاران ايل پي جي گئس وڪرو ڪندڙ دڪانن خلاف ڪارروائي کانپوءِ ايل پي جي گئس جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي. شهر ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران رات نائين کان صبح 6 وڳي تائين گئس جي فراهمي بند رهڻ سبب شهر جا 60 سيڪڙو شهري ايل پي جي گئس ذريعي رڌ پچاءُ ڪن ٿا. پريٽ آباد سانحي کانپوءِ شهر ۾ هلندڙ 100 کان وڌيڪ ايل پي جي دڪانن خلاف ڪارروائي شروع ٿيڻ سبب گئس جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ايل پي جي گئس تي هلندڙ حيدرآباد شهر جا 80 سيڪڙو کاڌي پيتي جا هوٽل توڙي فوڊ اسٽال پڻ شديد متاثر ٿيا آهن. ايل پي جي گئس مخصوص هنڌن تي ملڻ سبب گئس وڪرو ڪندڙ واپارين گئس جي اگهن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ 260 رپيا ڪلو وارو ايل پي جي گئس 500 رپين کان به وڌيڪ اگهه تي في ڪلو شهرين کي ملي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ متاثر ٿيل واپارين توڙي شهرين جو مطالبو آهي ته وفاقي سرڪار ايل پي جي جي وڪري تي پابندي هڻي ٿي ته پوءِ سوئي سدرن گئس ڪمپني کي به ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته ملڪ کي 67 سيڪڙو گئس ڏيندڙ سنڌ کي بدلي ۾ 12 سيڪڙو گئس ڏئي 9 کان 12 ڪلاڪ گئس جي لوڊشيڊنگ بند ڪئي وڃي .

گئس سلينڊر سانحو سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي جو نتيجو آھي: جماعت اسلامي

حيدرآباد: جماعت اسلامي ضلعي حيدرآباد جي صدر عقيل احمد خان، حافظ طاهر مجيد، عبدالوحيد قريشي سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته گئس سيلينڊر سانحو سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي جو نتيجو آھي. سانحي جي فوتين کي 10 لک رپيا ۽ زخمين کي 5 لک رپيا معاوضو ڏنو وڃي. هن چيو ته گئس سنڌ جي پيداوار آهي پر هٿرادو گئس جي کوٽ پيدا ڪري سيلينڊر جي ڪاروبار کي هٿي وٺرائي وئي آھي جڏهن ته انتظاميا جي نااهلي سبب غير معياري سيلينڊرن ذريعي ايل پي جي جو ڪاروبار هلي رهيو آھي جنهن سبب سيلينڊر ڦاٽڻ جو سلسلو جاري آھي ۽ ماڻھو مري رهيا آھن.

پريٽ آباد ۾ جنهن دڪان تي ڌماڪو ٿيو اهو غير قانوني طور قائم هو: ڊي سي حيدرآباد

حيدرآباد:  پنهنجي اخبار  سان ڳالهائيندي ڊي سي حيدرآباد انڪشاف ڪيو ته پريٽ آباد ۾ جنهن دڪان تي گئس سيلينڊر ڌماڪو ٿيو آهي ان کي ڪا به اين او سي جاري ٿيل نه هئي ۽ اهو دڪان غير قانوني طور تي قائم ڪيو ويو هو.

Leave A Comment