آئون پاڻ قيد آهيان: عمران روپوش اڳواڻن کي گرفتاريون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

آگسٽ 29, 2024

راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف باني عمران خان روپوش پارٽي اڳواڻن کي روپوشي ختم ڪري ٻاهر نڪرڻ ۽ گرفتاريون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مان پاڻ قيد آهيان ۽ ٻيا اڳواڻ به خوف ختم ڪن. هن چيو ته روپوش اڳواڻ گرفتاريون ڏين، جيڪي به الزام آهن انهن کي منهن ڏين، گرفتاريون ڏئي عدالتن مان ضمانتون وٺن.

Leave A Comment