ججز پسند جي بنياد تي مقرر ڪيا پيا وڃن، ڪي پي صوبي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي: پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو قاضي فائز کي خط

اپريل 4, 2024

پشاور(پنهنجي ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد ابراهيم خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري ۾ خيبر پختونخواهه سان متڀيدي سلوڪ ڪيو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ ججن کي فيورٽ ازم جي بنياد تي مقرر ڪيو پيو وڃي

 چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي اماڻيل خط ۾ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت بلوچستان مان 3 ۽ خيبر پختونخواهه مان رڳو 3 جج مقرر آهن، چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس ابراهيم خان 13 اپريل تي رٽائر ٿي رهيو آهي

جسٽس ابراهيم خان خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ منهنجا اهڙا تعلقات نه آهن جيڪي اهڙي موقعي تي ڪم ايندا آهن، توقع آهي ته هن خط کانپوءِ توهان منهنجي خلاف نه ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته توهان پاڻ به آواز اٿاريندا رهيا آهيو

جسٽس ابراهيم خان وڌيڪ لکيو آهي ته مان ڏکويل دل سان فيورٽ ازم بابت لکي رهيو آهيان ته جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ 4 جايون خالي هيون ته توهان رڳو پنهنجي صوبي بلوچستان مان جسٽس نعيم افغان جي صورت ۾ رڳو هڪ مقرري ڪئي

هن چيو ته فيصلن کي چئلينج نه ٿو ڪريان پر هن خط ذريعي ان پاسي ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو،  اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڪهڙو سبب هو جو چار جايون خالي هجڻ باوجود رڳو هڪ مقرري ڪئي وئي؟

جسٽس ابراهيم خان جو چوڻ آهي ته آئون سمورين هاءِ ڪورٽس ۾ ٻيو سينيئر موسٽ چيف جسٽس آهيان، آئون پاڻ جڊيشل ڪميشن ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر آهيان، توقع هئي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجو نالو ته غور هيٺ آندو ويندو، گهڻي غور ويچار باوجود مون کي ان جو ڪو معقول سبب سمجهه ۾ نه آيو

Leave A Comment