سياسي معاملن تي تبصرو ناھيون ڪندا: آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ باني جو خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي
مارچ 8, 2024
آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ باني جو خط ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسان سياسي معاملن تي تبصرو نه ڪندا آهيون، آءِ ايم ايف جي ايلچي ايسٽر پيريز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 28 فيبروري تي پي ٽي آءِ باني جو خط مليو، پي ٽي آءِ جو لکيل خط پاڪستان جي قرضن واري پروگرام بابت آهي، ايسٽر پيريز چيو ته آءِ ايم ايف بين الاقوامي ادارو آهي جنهن جو مينڊيٽ معاشي مسئلن جي حد تائين محدود آهي، آءِ ايم ايف مقامي ۽ سياسي مسئلن تي تبصرو نه ڪندو آهي، آءِ ايم ايف ادارتي معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ چونڊ تڪرارن جي شفاف ۽ پرامن حل جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، ٻئي پاسي آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جولي ڪوزيڪ وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ بعد پاڪستان ۾ جائزه مشن اماڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جولي ڪوزيڪ چيو آهي ته آءِ ايم ايف نئين وفاقي ڪابينا جڙڻ کان فورن پوءِ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ٻئي جائزي لاءِ پاڪستان ڏانهن وفد اماڻيندو، آءِ ايم ايف جو سمورو ڌيان في الحال هاڻوڪي اسٽينڊ باءِ پروگرام جي تڪميل تي آهي جيڪو اپريل 2024 ۾ ختم ٿي رهيو آهي