جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ
مَي 16, 2024
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو، ڪو قانون درست نه آهي ته ان کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، قانون ائين ئي معطل ٿيندا رهيا ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو، جيڪڏهن مون کي ڪو قانون پسند نه آهي ته ان کي معطل ڪري ڇڏيان، ڇا اها ديانتداري آهي؟ قانون کي معطل ڪرڻ به نظام سان ڳٺجوڙ ڪرڻ آهي، قانون کي معطل ڪرڻ بدران روزاني بنياد تي ٻڌي فيصلو ڪرڻ گهرجي ها: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومت جي انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي دوران رمارڪس، ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا ڪنهن بل کي معطل ڪرڻ پارليامينٽ جي ڪارروائي کي معطل ڪرڻ نه آهي؟ چيف جسٽس چيو ته پوءِ اهڙي پارليامينٽ کي ئي ڇو نه معطل ڪري ڇڏيون، اسان قانون ٽوڙيون يا ملٽري قانون ٽوڙي هڪ ئي ڳالهه آهي، اسان ڪيستائين پاڻ کي پاڳل بڻائيندا رهنداسين، وفاقي سرڪار جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته نيب ترميمون ڪالعدم ڏيڻ وقت حقيقتن جو درست جائزو نه ورتو ويو، پي ٽي آءِ باني وزيراعظم هو، قانون تبديل ڪري پئي سگهيو، پر هن آرڊيننس آندو، نيب ترميمن جو معاملو پارلياماني تڪرار هو، ملي ڀڳت سان اهو تڪرار سپريم ڪورٽ آندو ويو، عدالت سرڪار جي وڪيل کي اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، 14 سيپٽمبر 2023 تي اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو