آءِ جي سنڌ ۽ رينجرز پاران سي ٽي ڊي آفيس تي ڇاپو: شهري بازياب: ايس پي ۽ ڊي ايس پي معطل
مَي 22, 2024
آءِ جي سنڌ رينجرز پاران سي ٽي ڊي آفيس تي ڇاپو هڻي مغوي شهري کي بازياب ڪرائڻ بعد ايس پي سي ٽي ڊي عمران شوڪت کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي ايس پي سهيل اختر سلهري کي به معطل ڪري ڇڏيو، ٻنهي آفيسرز کي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، گذريل ڏينهن رينجرز سي ٽي ڊي آفيس تي ڇاپو هڻي شهري عليان کي بازياب ڪرايو هو، عليان عراق مان واپس ڪراچي پهتو ته سي ٽي ڊي اهلڪارن کيس کنڀي ورتو ۽ بازيابي لاءِ ڏيڍ لک روپيا وصول ڪيا، عليان جي وارثن پاران رابطو ڪرڻ تي رينجرز سي ٽي ڊي آفيس تي ڇاپو هڻي يرغمال بڻايل شهري کي آزاد ڪرايو، هڪ سب انسپيڪٽر سميت 2 اهلڪار معطل، ايس ايڇ او سي ٽي ڊي امداد خواجا به معطل