امام حسين جي چهلم تي ويندڙ سنڌ واسين جي بس سان ايران ۾ خوفناڪ حادثو: 28 ڄڻا فوت، 23 زخمي

آگسٽ 22, 2024

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي مان گذريل جمعي ڏينهن شهر واسي سالار سيد اطهر شاهه شمسي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻن بسن تي سوار نڪتل قافلي ۾ شامل 50 کان وڌيڪ پانڌيئڙن جي بس عراق ڪربلا معليٰ ويندي ايران جي شهر يزد ۾ تيز رفتاريءَ سبب بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ چوڪ تي ڪلٽي ٿي اسڪول جي ڀت سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ 28 پانڌيئڙا فوت ۽ 23 زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ايراني پوليس، ريسڪيو ۽ امدادي ٽيمن بروقت پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي بس مان ڪڍي ريسڪيو ڪرڻ بعد يزد جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو جتي ميتن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي ۽ زخمين کي فوري طور طبي امداد ڏني وئي جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن کي آءِ سي يو وارڊ منتقل ڪري طبي امداد ڏني پئي وڃي. هوڏانهن اهڙي افسوسناڪ حادثي جي خبر پوڻ شرط ئي لاڙڪاڻي شهر سميت ٻين شهرن ۾ سوڳ ڇائنجي وئي آهي. ٻئي پاسي بس سانحي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي احسن ڪالوني ون جو رهواسي ناليواري وڪيل جاويد ديناري جو پٽ ايل ايل بي جي آخري سال جو شاگرد وفا عباس جاويد ديناري، شهر جي غوث پور محلا واسي 6 ٻارن جو والد آٽوز هلائيندڙ دوڪاندار ڪاشف علي شيخ ۽ سلمان شيخ شامل آهن جن جي فوت ٿيڻ جي سندن وارثن پڻ تصديق ڪئي آهي. جڏهن ته زخمين ۾ شهر جي علي آباد محلا واسي حيدر کوسو، جمن کوسو، رحمت پور پاڙي واسي راشد سومرو، ڳوٺ ڍڍرا ڪلهوڙا واسي عمران ڪلھوڙو ۽ ٻيا شامل آهن. ان حوالي سان فوتين ۽ زخمين جي وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو آهي ته ڪوچ جي حالت انتهائي خراب آهي جنهن ۾ سوار اسان جي وارثن ڪيترائي ڀيرا سالار سيد اطهر حسين شاهه شمسي کي شڪايتون ڪيون پر هن تدارڪ نه ڪيو ويتر هن پنهنجي موبائيل فون بند ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ گاڏي جي بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ اهڙو سانحو پيش آيو آهي. هنن وزيراعظم پاڪستان، پاڪستان جي پرڏيهي وزير سميت ايران ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني جي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪوچ سانحي جي شفاف جاچ ڪرائي ملوث سالار ۽ ٻين خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. سانحي بابت معلوم ٿيو آهي ته بس ۾ لاڙڪاڻو، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، سن، ميهڙ قمبر، شهدادڪوٽ، نوشهروفيروز ۽ ٻين شهرن سان واسطو رکندڙ پانڌيئڙا آصف خان سرڪي، اعجاز علي مڱڻهار، پروين لنجار، عبدالوهاب، رابيل فريد کهاوڙ، منتظر مهدي کهاوڙ، سيرت عباس شاهه، رخسانه پروين شاهه، ڪنيز زهره، شعيب علي لاڙڪ، مجاهد علي لاڙڪ، زرمينه قربان، محمد بخش خاصخيلي، ظهير عباس ميمڻ، غيور علي ميمڻ، جبار عباسي، صدام حسين خاصخيلي، غلام عباس اوڍو، نثار احمد جوکيو، سڪندر علي، محبت علي لنڊ، سلميٰ بيگم لنڊ، عبدالوهاب جاگيراڻي، سليمان مصطفيٰ شيخ، حيدر علي، وفا عباس ديناري، ظهور حسين، سعديه آزاد، ڪريمان خاتون، رستم علي، ڪائنات رستم علي، نسيم اختر کهاوڙ، ريمان جاويد، صنم نادر علي، رحمت خاتون مغيري، حبيب الله سومرو، نور محمد کوسو، فياض علي، خورشيد علي ميراڻي، بس جي ڊرائيور، ڪلينر ۽ هڪ ايراني شهري سميت 54 ڄڻا سوار هئا جنهن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل آهن. حادثي جو شڪار ٿيل بس ۾ سوار خيرپور واسي اعجاز مڱڻهار، محمد بخش خاصخيلي، آصف سرڪي، صدام خاصخيلي، جابر عباسي، مجاهد لاڙڪ سميت 10 ڄڻا شامل آهن، ڪنڌڪوٽ واسي 6 ڄڻا رستم علي، ڪريمان خاتون، سعديه، ڪائنات، سلمان بيگم ۽ سيد سيرت عباس شامل آهن. خيرپور واسي مير علي بازار مل ڪالوني واسي اعجاز مڱڻهار، محمد بخش خاصخيلي، آصف سرڪي، صدام خاصخيلي، جابر عباسي، مجاهد لاڙڪ سميت 10 ڄڻا شامل آهن. سن ويجهو ڳوٺ جان محمد کوسو نور محمد کوسو سميت ٻه ڄڻا بس ۾ سوار مان جن مان هڪ ڄڻو نور محمد کوسو فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ جوڻيجا پڦاٽ ۽ ماروٽ آفاق جوڻيجو ۽ محسن جوڻيجو به بس ۾ سوار هئا.

صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران پرڏيهي وزارت کي هدايتون جاري

لاڙڪاڻو: صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين سينيٽر، گورنر سنڌ، گورنر ڪي پي ڪي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف، پ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر علامه راجا ناصر عباس، پنجاب جي اڳوڻي گورنر، پ پ پ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري، سي اِي سي جي ميمبر ۽ ايم پي اي جميل احمد سومرو سميت ٻين طرفان واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. صدر پاڪستان آصف علي زرداري ايران ۾ پاڪستان پانڌيئڙن جي بس واري ڏکوئيندڙ حادثي تي دلي رنج ۽ غم توڙي قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿي ويل ماڻهن جي مغفرت ۽ وارثن کي صبر جميل عطا ڪرڻ جي دعا ڪندي پرڏيهي وزارت کي ميتون پاڪستان آڻڻ ۽ زخمين کي بروقت امداد پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف ايران يزد ويجهو پاڪستان پانڌيئڙن جي بس حادثي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بس حادثي ۾ جانين جي ضايع ٿيڻ تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، آءُ سوڳوار خاندان سان گڏ آهيان، زخمين جي جلد کان جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان، مون تهران ۾ پنهنجي مشن کي متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايران ۾ پاڪستاني پانڌيئڙن جي گاڏين کي پيش آيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني پانڌيئڙن جي گاڏي جي حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي ڏک پهتو آهي، المناڪ حادثي ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايران ۾ پاڪستاني پانڌيئدڙن جي بس کي پيش آيل حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان ۽ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پانڌيئڙن جي بس کي پيش آيل حادثي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، هن مشڪل گهڙي ۾ ڏک ۾ مبتلا ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سيدال خان حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پانڌيئڙن جي بس کي پيش آيل حادثي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، هن مشڪل گهڙي ۾ ڏک ۾ مبتلا ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.  گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو آهي ته اڄ ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني پانڌيئڙن جي فوت ٿيڻ تي وڏو افسوس ٿيو آهي، الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت، درجا بلند، وارثن کي صبر جميل ۽ حادثي ۾ زخمي ماڻهن کي جلد صحت ڪاملا عطا ڪري. گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي ايران يز بس حادثي بعد ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪري کيس چيو آهي ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي جنهن تي ايران ۾ موجود پاڪستان سفير کيس هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ سنڌ واسين پاڪستاني زائرين سان روڊ حادثي تي ڏک جو اظھار ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ سنڌ واسين پاڪستاني پانڌيئڙن سان پيش آيل روڊ حادثي ۾ جاني نقصان تي تمام گھڻو ڏک پھتو آھي. وڏي وزير ايران جي شھر يزد ۾ روڊ حادثي ۾ شھيد ماڻھن جي وارثن سان تعزيت جو اظھار پڻ ڪيو آهي. وڏي وزير کي آگاھي ڏني وئي ته لاڙڪاڻي مان ڪربلا عراق ويندڙ بس کي ايران جي شھر يزد ۾ حادثو پيش آھي جنھن ۾ 35 پانڌيئڙا شھيد ۽ 18 زخمي ٿيا آهن، جڏھن ته بس ۾ گڏيل طور تي 53 مسافر سوار ھئا. وڏي وزير صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي ھدايت ڪندي چيو ته ايران ۾ متاثر خاندانن جي ھر ممڪن مدد ڪري ڪراچي ۾ قائم ايران جي قونصل جنرل سان رابطو ڪيو وڃي ته جيئن متاثرن جي ترت مدد ڪري سگھجي. وڏي وزير چيو ته حادثي جي شھيدن جا مڙهه آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪندي چيو ته پرڏيھي وزارت سان رابطو ڪيو وڃي ۽ شھيدن جا مڙهه وطن آڻڻ لاءِ ترت اپاءَ ورتا وڃن ۽ زخمين کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ۽ سندن واپسيءَ لاءِ سفري سھولتن جو بندوبست ڪيو وڃي. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف لاڙڪاڻي کان ايران ويندڙ بس کي پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي افسوس ۽ سوڳوار ڪٽبنن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي پانڌيئڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. وڏي وزير مريم نواز شريف چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهيون.

ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران 17 جي فوت ٿيڻ جي تصديق

لاڙڪاڻو: ايران ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني طرفان حادثي ۾ فوت ٿي ويل 17 پانڌيئڙن ۽ زخمي ٿيل 23 پانڌيئڙن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي سفير مدثر ٽيپو طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل تفصيل موجب فوتي ۾ جاويد عباس جاويد، ڪاشف علي شيخ، حبيب الله سومرو، سيرت عباس شاهه، نسيم اختر کهاوڙ، سلمان مصطفيٰ شيخ، رخسانه پروين شاهه، نور محمد کوسو، آفاق احمد جوڻيجو، رستم علي، عمران علي ڪلهوڙو، جشميد اقبال، ظهير عباس ميمڻ، خالده رجب علي، شاهده شير محمد، اعجاز احمد مڱڻهار ۽ مقدس شير محمد شامل آهن. اهڙي طرح زخمين جا پڻ تفصيل جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 50 ورهين جو استاد گل، 25 ورهين جو بابر علي، 25 ورهين جو ظهور حسين، 22 ورهين جي صنم، 35 ورهين جو فياض علي، 74 ورهين جو غلام عباس، 23 ورهين جو خورشيد علي، 28 ورهين جو مجيد علي، 58 ورهين جو محبت علي، 50 ورهين جو حيدر علي، 37 ورهين جو جاويد، 40 ورهين جو شاهه ولي، 34 ورهين جي ڪنيز زهره سنڌي، 40 ورهين جو ماجول الاهواويا، 35 ورهين جو راشد علي سومرو، 37 ورهين جو رابيل فريدي، 22 ورهين جو مقدس، 35 ورهين جو سڪندر علي، 32 ورهين جو عبدالوهاب، 54 ورهين جو نثار احمد، 32 ورهين جو عبدالوهاب داد علي، 28 ورهين جي خانم شامل آهن.

ايران حادثي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ سامهون اچي ويا

لاڙڪاڻو: ايران جي شهر يزد ۾ حادثي جو شڪار بڻيل بس جا سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ سامهون اچي ويا آهن جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حادثي کان اڳ تيز رفتاريءَ سان بس ٻن روڊن جي وچ تان ڪراس ڪري اچي ڀت سان ٽڪرائجي ٿي جنهن دوران چوڪ تي بيٺل مردن، عورتن ۽ ٻارن ۾ ڀاڄ پئجي ٿي وڃي، حادثي دوران ڪار ڀرسان بيٺل عورتن ۽ ٻارن کي پڻ ڏسي سگهجي ٿو جيڪي حادثي کان معجزاڻي طور بچي ويا.

ايراني شهر يزد مان لاڙڪاڻي واسي زخمي جي وڊيو وائرل

لاڙڪاڻو: ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ زخمي ٿيل لاڙڪاڻي واسي عبدالوهاب جاگيراڻي جي ويڊيو سوشل ميڊيا ي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو انتھائي ڏکائيندڙ وڊيو ٺاهيندي چئي رهيو آهي، مان بس جي هيٺيان آهيان، مان بچي نه سگهندس، اما ۽ بابا توهان کي منهنجي ٻارن جي پارت آهي، مون کان جيڪو به ڪجهه ٿيو آهي، مون کي معاف ڪجو، جنهن کان پوءِ ويڊيو رڪارڊنگ بند ٿي وڃي ٿي، جنهن کي يزد جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، جتي سندس علاج هلندڙ آهي. ان حوالي سان زخمي پانڌيئڙي عبدالوهاب جاگيراڻي واٽس ايپ جي ذريعي پنهنجي گهر ڀاتين، مٽ مائٽن، دوستن ۽ ٻين واسطيدارن سان رابطو ڪندي ٻڌايو آهي ته بس جي حالت خراب هئڻ جي ڪري بس رستي ۾ ئي ڪيترائي ڀيرا خراب ٿي هئي، اهڙي شڪايت ڪرڻ لاءِ اسان سالار اطھر شاهه سان ڪرڻ چاهي پر هن اسان جي فون اٽينڊ ڪرڻ بجاءِ موبائل ئي بند ڪري ڇڏي، جنھن بعد اسين مائٽن سان رابطو ڪري کين ٻڌايو ته گاڏي رستي ۾ ھر ھنڌ خراب ٿي بيھي ٿي رَهي، اسان جي فون اطھر شاهه نه ٿو کڻي اسان کي خطرو آهي ته گاڏي نقصان نه ڏئي تنهن ڪري سالار تائين هي پيغام پھچايو ته جيئن هو ٻئي بس جو انتظام ڪري پر آخر اھو ئي ٿيو جنھن جو خدشو ھو، سالار جي غفلت جي ڪري ايڏو وڏو نقصان ٿي ويو آهي. هوڏانهن حادثي ۾ شھيد ۽ زخمي ٿيندڙ زائرين جي مائٽن لاڙڪاڻو ۾ سخت احتجاج ڪندي گُھر ڪئي آهي ته تحقيقات ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته هر سال سالار پئسا بچائڻ لاءِ ڪمزور ۽ پراڻيون گاڏيون بُڪ ڪرائيندا آھن، اهڙي غفلت ڪرڻ ۾ ملوث سالارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

فوري يزد روانو ٿيڻ لاءِ هوائي جهاز جون ٽڪيٽون نه مليون: مدثر ٽيپو

لاڙڪاڻو: سانحي بابت ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي سفير مدثر ٽيپو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حادثي جي اطلاع تي پاڪستاني سفارتخاني فوري طور اتي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر يزد روانو ٿيڻ لاءِ هوائي جهاز جون ٽڪيٽون نه هيون تنهن ڪري صبح سوير ٻن سفارتي عملدارن کي حادثي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي، شروعاتي اطلاع موجب پانڌيئدڙن سان ڀريل بس اسڪول جي ڀت سان تيزيءَ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 28 ڄڻا فوت ۽ 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. هن چيو ته اسين ايراني سفارتخاني جي عملدارن ۽ حڪومتي عملدارن سان رابطي ۾ آهيون، ايران جي شهر زاهدان ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان سلهاڙيل پانڌيئڙن لاءِ آفيس قائم ڪيو ويو آهي جتي موجود عملدار ايران عملدارن سان رابطي ۾ آهن ته جيئن جلد کان جلد ميتن کي پاڪستاني اماڻيو وڃي. هن چيو ته ميتن کي پاڪستان آڻڻ لاءِ دير نه ڪئي ويندي ۽ ڪوشش هوندي ته جلد کان جلد ميتين کي ڏيهه آڻي زخمين کي بهتر طبي امداد ڏئي سندن جون زندگيون بچائي سگهون.

قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ سالار پاران 26 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق

لاڙڪاڻو: ايران يزد ۾ حادثي جو شڪار ٿيل بس ۾ سوار پانڌيئڙن جي قافلي جي اڳواڻيءَ ڪندڙ سالار سيد اطهر حسين شمسي واٽس ايپ جي ذريعي لاڙڪاڻي جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي بس جي ڊرائيور سميت 26 ڄڻن جي شهيد ۽ 20 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ان حوالي سان سالار سيد اطهر حسين شمسي ٻڌايو ته بس حادثي ۾ ڊرائيور سميت 26 ڄڻا شهيد ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن مان اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن کي آءِ سي يو ۾ داخل ڪرائي طبي امداد ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستاني عوام شهيدن جي بلند درجات ۽ زخمين جي بهتر صحت لاءِ دعا ڪن ته جيئن جلد کان جلد زخمي ٿيل پانڌيئڙا صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي سگهن. هن حادثي پنهنجي سوشل ميڊيا تي پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مان مولا جي زوار جو نوڪر آهيان، اسان جي قافلي ۾ ٻه بسون شامل هيون جيڪي اربعين ڏانهن روانيون ٿيون جن مان هڪ بس ۾ مان هيس، منهنجا ساٿي شهادت جي منزل ماڻي چڪا آهن، منهنجي به خواش مان به خواهش آهي ته ٻين شهيدن جيان شهادت ماڻيان پر شهادت منهنجي نصيب ۾ نه هئي، حادثي جو شڪار ٿيل بس پويان ٻي بس هئي جنهن جي ويزا ۽ ڊرائيورن جي ڪاغذن جو مسئلو ٿيو جنهن ۾ ڊرائيورن جا پاسپورٽ گم ٿي ويا هئا جنهن ڪري اسان جي ڊي ايم سي واري گاڏي پوئتي رهجي وئي ۽ اسان ٻن ڏينهن کان پوءِ پٺئين بس سان نڪتاسين ۽ مان پهرين گاڏي سان پنهنجي نائب سالار آصف سرڪي کي موڪليو هو، هن اسرار ڪيو ته هو نڪري وڃن ته جيئن اربعين تي پهچن مون کين چيو ته هونئين به ٻئي گاڏيون عراق جي بارڊر تان گڏ ڪراس ڪنديون ڇاڪاڻ اسان وٽ ٻنهي بسن ۾ سوار سڀني وٽ ڪفالي جي ويزا هئي، بهرحال هو نڪري ويا ۽ رات جي وقت مون کي خبر پئي ته انهن جي بس جو حادثو ٿيو آهي. اسان رحيمدان بارڊر تي پهتاسين ته ڪارنيٽ نه ملي سگهيو، دوست ٻڌائن پيا ته ڪارنيٽ جو مسئلو ناهي اسان پوءِ سمهي پياسين بعد ۾ اطلاع ڏنو ويو ته بس سان حادثو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪافي نقصان ٿيو جنهن ۾ ڪشمور، خيرپور جا 10 ڄڻا، منهنجا 2 پاڙيسري کوسا ذات جا نوجوان ۽ ٻيا پانڌيئڙا بس ۾ سوار هئا.

ايران حادثي ۾ ڪنڌڪوٽ واسي 6 زائرين به شامل، گهرن ۾ ماتم

ڪنڌ ڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌ ڪوٽ واسي زائرين لاڙڪاڻي کان ايران طرفان روانا ٿيا بس ايران پھچڻ بعد يزد شھر ۾ بريڪ فيل ٿيڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي ، جنهن ۾ مختلف شھرن جا زائرين 53 ڄڻا سوار ھيا، انھي ۾ ڪنڌڪوٽ جا ھڪ ئي خاندان گلشير پاڙو واسي رستم سھرياڻي، سندس گھر واري ڪريمان خاتون، ڌي ڪائنات، ننھن سعديا، عزيز، ريما خاتون سميت سيد لطف شاهه جو نوجوان پٽ سيرت عباس شاهه به انھي بدنصيب بس ۾ سوار ھئا، جنهن جون خبرون ملڻ شرط گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو.

چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ پرڏيهي وزارت پاران ڪمشنر لاڙڪاڻو سان رابطو

لاڙڪاڻو: ايران جي يزد شهر ۾ پانڌيئڙن جي بس سان ٿيل حادثي ۾ شهيد ٿيلن جا مڙهه جلد ڏيهه آڻڻ ۽ بس ۾ سوار پانڌيئڙن جا تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ۽ پرڏيهي وزارت پاران ڪمشنر لاڙڪاڻو سان رابطو ڪري تفصيل گڏ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ شهيدن جا مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ لاءِ سيل قائم ڪري ڇڏيو آهي.

وارهه واسي 3 زائرين جو پتو نه پئجي سگهيو، وارث پريشان

وارھ(ن پ ا) زيارتن لاءِ ايران ويل لاڙڪاڻي جي ڪوچ سان ايران جي شھر يزد ۾ پيش آيل خطرناڪ حادثي واري گاڏيءَ ۾ وارھ شھر جي کھاوڙ محلي جون ٻه عورتون رابيل فريد، نسيم اختر کھاوڙ ۽ 15 ورهين جو نينگر منتظر مھدي کھاوڙ به شامل آھن، جيڪي حادثي جو شڪار ٿي ويا آھن، جن بابت وارثن پاران سالار سان مسلسل رابطو ڪرڻ باوجود سندن بابت ڪوبه پتو پئجي نه سگھيو آھي.

Leave A Comment