آءِ ايم ايف جي شرطن تحت وڏن زميندارن تي به ٽئڪس لڳندو، زراعت تي ٽئڪس لاءِ تيار آهيون پر وصول صوبا ڪندا: صدر زرداري

جُولاءِ 10, 2024

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ وڏن زميندارن تي ٽيڪس لڳائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. لاهور ۾ پروفيسر مير ميموريل سيمينار کي خطاب ڪندي آصف علي زرداريءَ چيو ته اسان جي دوستن جي زرعي سوچ ناهي، اُهي زراعت تي انڪم ٽئڪس لڳائي رهيا آهن، وڏن زميندارن تي ٽئڪس لڳائڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو آءِ ايم ايف جو شرط آهي، زراعت تي ٽئڪس لاءِ تيار آهيون، پر زراعت تي انڪم ٽئڪس صوبائي حڪومتون لڳائينديون، صدر آصف زرداري چيو آهي ته  اسان آءِ ايم ايف جي شرطن تي هلي رهيا آهيون، زميندار اِنڪم ٽئڪس ۾ ائين شامل ٿيندا، جيئن بزنس مين شامل ٿيندا آهن، اسان کين خرچ، نفعو ۽ هاري جو حصو سڀ ڪجهه ڏيکارينداسين، نفعو ٿيو ته ٽئڪس ڏيندا. هن چيو ته ملڪ ٺاهڻ لاءِ ماليات ۽ شين جي به اهميت هوندي آهي، ايگرو فارم ۽ ايگرو انڊسٽري مستقبل آهي،صدر چيو ته ميڊيا ۾ جيتري تنقيد مون تي ٿيندي آهي، اوتري شايد ڪنهن ٻئي تي ناهي ٿي، آئون ٽي وي نه ڏسندو آهيان، گلا کي پنهنجي لاءِ ثواب سمجهان ٿو. صدر چيو ته اڄ سوشل ميڊيا جو دور آهي، هر ڳالهه دنيا جي سامهون رکي ويندي آهي، پر سوشل ميڊيا ۾ به گروپنگ نظر ايندي آهي، سندس چوڻ هو ته زندگي ۾ هرقسم جي امتحان مان گذرڻو پوي ٿو ۽ هر امتحان کي منهن ڏيئڻو پوندو آهي، آصف زرداري چيو ته اڄ محترمه فاطمه جناح جو جنم ڏهاڙو آهي سندس ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، فاطمه جناح جمهوريت جي علمبردار هئي، ڇاڪاڻ ته جمهوريت ۾ ئي عوام جي ڀلائي آهي. هن چيو ته دنيا جي مضبوط لابي مسلمانن کي ورهائڻ لاءِ پنهنجي طرفان ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته پروفيسر وارث مير جي تعريف ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو به وارث مير سان صلاح مشورا ڪندي هئي.

Leave A Comment