آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
اپريل 30, 2024
آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جي قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، عالمي مالياتي اداري جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تحت پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالرز جي آخري قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، آءِ ايم ايف پنهنجي پڌرنامي ۾ چيو آهي ته پاڪستان پروگرام جو ٻيو جائزو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان جولاءِ 2023 ۾ آءِ ايم ايف کان 9 مهينن جو قرض پروگرام ورتو هو، پاڪستان قرض پروگرام جي هدفن جي حصول لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون، آءِ ايم ايف جي پڌرائي موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي، قرض جي پروگرام بعد پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو تائين پهچي رهي آهي، هلندڙ سال جون تائين مهانگائي وڌڻ جي شرح گهٽجي ويندي