آءِ ايم ايف جو وڌيڪ مطالبو پورو: بجلي 10 رپيا يونٽ مهانگي

جُولاءِ 4, 2024

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي مطالبي تي بجلي جي بنيادي قيمت ۾ 10 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منظوري جو فيصلو اجلاس ۾ ڪيو ويو. ان فيصلي بعد حڪومت کي اميد آهي ته آءِ ايم سان قرض جو اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو ۽ قرض جي پهرين قسط به ادا ڪئي ويندي.

Leave A Comment