عمران ۽ بشريٰ کي نيب ترميمن جو فائدو، احتساب بيورو نئون توشا خانه ڪيس واپس وٺي ڇڏيو

سيپٽمبر 10, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ترميمون بحال ٿيڻ بعد قومي احتساب بيورو پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي خلاف نئون توشا خانه ڪيس واپس وٺي ڇڏيو، اسلام آباد جي احتساب عدالت کي آگاهي ڏيندي نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته نيب ترميمن جي بحالي بعد ڪيس نيب جي دائري ۾ نه ٿو اچي، نيب ترميمن جي بحاليءَ کانپوءِ نئون توشاخانه ڪيس ٺهي ئي نه ٿو، نيب جي استدعا تي عدالت ريفرنس  اسپيشل سينٽرل جج ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو، نئين توشاخانه ڪيس جي ٻڌڻي اڄ واڳيل عدالت پاران هلائي ويندي. ڪيس نيب کان ايف آءِ اي منتقل ٿي ويو.

Leave A Comment