عمران چيف جسٽس جو مشورو مڃي ورتو، سياسي ۽ بااختيار ماڻهن سان ڳالهين جو اعلان، سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ جو فيصلو

جُون 11, 2024

راولپنڊي (م ڊ) چيف جسٽس طرفان عمران خان کي سياسي پارٽين سان ڳالهين جي مشوري تي پي ٽي آءِ باني راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان هن سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان سپريم ڪورٽ کي ڳالهين جي حوالي سان خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جو متن هن نوٽ ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب عمران خان جو چوڻ آهي ته اهو خط ملڪ کي پيش ايندڙ معاشي پريشانين ۽ سياسي عدم استحڪام لاءِ لکي رهيو آهيان ۽ ان جو موقف آهي ته ملڪ کي پيش ايندڙ سنگين معاشي،  سياسي عدم استحڪام ختم ڪرڻ لاءِ هر سنجيده ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. ذريعن موجب خط جي نڪتن ۾ هن لکرايو آهي ته هو هر ڌر جيڪا معاشي، سياسي مسئلا حل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿي. ان سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿو. چونڊ مينڊيٽ جي واپسي، 9 مئي جوڊيشل انڪوائري سميت ٻين سياسي ڪيسز ۾ فيئر ٽرائل ڪيو وڃي. ياد رهي ته نيب ترميم ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عمران خان کي سياسي پارٽين سان ڳالهين جو مشورو ڏنو هو. ان سان گڏ ئي هن اليڪشن ڪيس جو به حوالو ڏنو هو ته انهي ڪيس ۾ به هن صدر عارف علوي ۽ سياسي پارٽين کي ڳالهين جو مشورو ڏنو هو. انهي مشوري کان پوءِ عمران خان جو بيان سامهون آيو هو ته هو صرف اهڙن ماڻهن سان ڳالهيون ڪندو جيڪي طاقتور آهن پر هاڻ عمران خان سياسي پارٽين سان ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ خط لکڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.

Leave A Comment