عمران آئيني ڀڃڪڙي ثابت نه ڪري سگهيو، نيب ترميمون بحال: پارليامينٽ لاءِ گيٽ ڪيپر نٿو بڻجي سگهجي: سپريم ڪورٽ
سيپٽمبر 7, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمون بحال ڪري ڇڏيون. باني تحريڪ انصاف ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي ٽه رڪني بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ حڪومتي اپيل منظور ڪري ورتي. نيب ترميمون بحال ڪيون ويون. نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. سپريم ڪورٽ 15 سيپٽمبر 2023ع جو اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب قانون اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف زبردستي اقتدار ۾ اچڻ بعد 34 ڏينهن بعد ٺاهيو، پرويز مشرف آئيني جمهوري آرڊر کي ٻاهر اُڇلايو ۽ پنهنجي لاءِ قانونسازي ڪئي. پرويز مشرف اعليٰ عدليه جي انهن ججز کي هٽايو جن غير آئيني قدم جي توسيع نه ڪئي. مشروف دور ۾ ٺاهيل قانون جي مسودي ۾ لکيو ويو ته نيب قانون جو مقصد ڪرپشن جو سدباب آهي، جن سياستدانن ۽ سياسي جماعتن پرويز مشرف کي جوائن ڪيو، کين بري ڪيو ويو، نيب قانون جو اصل مقصد سياستدانن کي سياسي انتقام يا سياسي انجنيئرنگ هو.جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ عدليه ۽ پارليامينٽ جو ڪردار واضع آهي. عدليه ۽ پارليامينٽ کي هڪ ٻئي جي دائري ڪار ۾ مداخلت تي نهايت احتياط ڪرڻ گهرجي. آئيني فرض سرانجام ڏيڻ دوران بهتر آهي ته ادارا عوام جي خدمت ڪن، لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ کي قانونسازي کي جلد ختم ڪرڻ بجاءِ ان کي بحال رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن ڪنهن قانون جون ٻه تشريح هجن ته قانون جي حق ۾ ايندڙ تشريح تسليم ڪئي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته موجوده ڪيسن ۾ به ترميمون غير آئيني هجڻ جي حوالي سان عدالت قائل ناهي ٿي سگهي، ترميم ۾ گهڻين ترميمن جو معمار مسٽر نيازي پاڻ هيو، باني تحريڪ انصاف عمران نيڪ نيتي سان درخواست داخل ناهي ڪئي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پارليامان ۽ عدليه جو آئين ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار واضع آهي. سپريم ڪورٽ پارليامينٽ لاءِ گيٽ ڪيپر جو ڪردار ادا نٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس ۽ ججز پارليمينٽ لاءِ گيٽ ڪيپر نٿا ٿي سگهن. سپريم ڪورٽ کي جڏهن به ممڪن هجي قانونسازي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.