عمران خان ۽ بشريٰ بي بي نڪاح واري ڪيس ۾ ٻڌايل سزا کي چئلينج ڪري ڇڏيو

فيبروري 23, 2024

عمران خان ۽ بشريٰ بي بي نڪاح واري ڪيس ۾ ٻڌايل سزا کي چئلينج ڪري ڇڏيو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ وڪيلن ذريعي داخل ڪرايل اپيل ۾ فيصلي ۽ سزا کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا، اپيل ۾ چيو ويو آهي ته سول جج قدرت الله پاران ٻڌايل فيصلو غير قانوني، غير شرعي ۽ غير اخلاقي آهي، اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته طلاق اپريل 2017 ۾ ٿي هئي، اڳوڻي مڙس خاور مانيڪال طلاق جي 6 سالن بعد درخواست ڏني، ٽي ڀيرا طلاق ڏيڻ بعد رجوع جو حق نه ٿو ٺهي، عدالت اختيار جو دائرو نه هئڻ باوجود ٻڌڻي هلائي ۽ سزا به ٻڌائي، 3 فيبروري واري سزا جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا، سول جج قدرت الله غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 7-7 سال قيد ۽ 5-5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

Leave A Comment