عمران خان ۽ سندس گهر واري خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پرويز خٽڪ پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ورتو
جُولاءِ 10, 2024
پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پرويز خٽڪ پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ورتو، اڊيالا جيل اندر احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ريفرنس جي ٻڌڻي هلائي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پرويز خٽڪ جي بيان دوران پي ٽي آءِ باني روسٽرم تي اچي ويو، پرويز خٽڪ جي بيان دوران پي ٽي آءِ باني مرڪندو رهيو، پرويز خٽڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته احتساب بابت اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر ڪابينا کي ٻڌايو هو ته پاڪستان مان غير قانوني طور ٻاهر اماڻيل وڏي رقم برطانيا ۾ پڪڙي وئي آهي، شهزاد اڪبر ٻڌايو ته پڪڙيل رقم پاڪستان کي واپس ڪئي ويندي، پرويز خٽڪ چيو ته هي معاملو ڪابينا جي ايجنڊا تي نه هو، ان کي گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ايجنڊا طور سامهون آندو ويو، ايڊيشنل ايجنڊا تي مون سميت ٻين ڪابينا ميمبرز اعتراض ڪيو، ڪابينا ۾ رقم بابت ڪاغذ بند لفافي ۾ پيش ڪيا ويا ۽ ڪابينا کان ايڊيشنل ايجنڊا جي منظوري ورتي وئي، پرويز خٽڪ جي بيان دوران پي ٽي آءِ باني چيو ته هاڻي ته نواز شريف جا فليٽ به پاڪستان واپس اچڻ گهرجن، ٻڌڻي 13 جولاءِ تائين ملتوي